وارهه (ن پ ا) وارهه ۾ سنڌ جي امر شھيد هيمون ڪالاڻي جي 82 هين ورسي جي موقعي تي ادبي سنگت پاران تقريب تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، هيمون ڪالاڻي جي 82 هين ورسي جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ وارهه پاران تقريب ڪوٺائي هيمون ڪالاڻي جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽائون پيش ڪيون ويون، ان موقعي تي اڳواڻن نجيب چانڊيو، عرفان منان، ساحل سڪندر، آدرش سنڌي، مجيب چانڊيو، جبران ڇٽو، اصغر ميراثي، نثار اميراڻي  ۽ ٻين چيو ته ھيمون ڪالاڻي بي ڊپو، جفاڪش ۽ ڌرتيءَ جو دلير پُٽ هيو، جنھن 19 ورهين جي ڦوھه جوانيءَ ۾ سنڌ مٿان سِر گھوري انگريز سامراج جي واٽ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ويڙهه ۾ ھن آڻ نه مڃي ۽ آخر سولي چڙھي ويو، ائين هو تاريخ ۾ سدا حيات بڻجي ويو.