وارهه(ن پ ا) سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف وارهه ۾ شاگرد اتحاد جي سڏ تي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، “ ڪئنال نه کپن جا نعرا، تفصيل موجب شاگرد اتحاد جي اڳواڻ راشد چانڊيو، مرڪ منان جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي راشد چانڊيو ، مرڪ منان ۽ ٻين چيو ته تڪراري ڪئنالن خلاف جنهن ريت هر مڪتب فڪر جا ماڻھون جدوجهد ۾ حصو وٺي رهيا آهن، ايئن اسان شاگردن مٿان به فرض آھي ته سنڌو تي ڌاري خلاف ٿيندڙ جدوجهد ۾ حصو وٺون. هنن وڌيڪ چيو ته حڪمران سنڌ کي مڪمل تباھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪئنالن جي منظوري ڏني آهي، پر سنڌي قوم ساهه جي آخري هڏڪي تائين ڪئنال خلاف جدوجهد جاري رکندي، ڪنهن ٻي، صورت اسين سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين.