وارهه ۾ روزگار نه ملڻ تي بيروزگار پورهيت آپگهات ڪري ڇڏيو

0
16
وارهه ۾ روزگار نه ملڻ تي بيروزگار پورهيت آپگهات ڪري ڇڏيو
وارهه ۾ روزگار نه ملڻ تي بيروزگار پورهيت آپگهات ڪري ڇڏيو

وارهه (ن پ ا) وارهه جي احمدي تنيا پاڙي واسي 24 ورهين جي نوجوان هوٽل تي مزدوري ڪندڙ پورهيت   حفيظ  ڪنڀر بيروزگاري کان تنگ اچي  زهريلي دوا کائي ويو، جنهن بعد کيس بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي فوت ٿي ويو، فوت ٿيل جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان هوٽل تي مزدوري ڪندو هيو جتان پيٽ جو گذر نه ٿي سگهڻ سبب پريشان هيو ۽ هن انتهائي قدم کڻي زهريلي دوا پي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.