وارھ (ن پ ا) وارھ ۾ خوراڪ کاتي پاران خريد ڪيل ڪڻڪ جا پئسا نه ملڻ خلاف کاتيدارن محمد پنهل عباسي، مير شبير بروهي، اسماعيل بروهي، غلام مصطفيٰ بروهي احتجاج ڪندي چيو ته فوڊ انسپيڪٽر عمران سيلرو، ڊي ايف سي الطاف مگسي بل ادا ڪرڻ ڏيڻ بجاءِ ٺلها آسرا ڏئي رهيا آھن.  هنن الزام لڳايو ته ٻئي آفيسر بل ڏيڻ لاءِ کاتيدارن کان رشوت گهرن ٿا، عملدار چون ٿا بل تڏھن ٿيندا جڏھن اوهان في مڻ جا 4 هزار بجاءِ 32 سو روپيا وصول ڪيو ته اوهان جو  بل ڪيون، ٻي صورت ۾ ڪڻڪ واپس کڻي وڃو،  هنن گهر ڪئي ته فوڊ انسپيڪٽر جي ڪرپشن جو  نوٽيس وٺي ڪڻڪ جي رقم ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وسيع ڪيو ويندو.