وارهه (ن پ ا) پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران ايڪتا ڏينهن انتها پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان هيٺ ملهائڻ واري اعلان کي ورنائيندي وارهه جي البدر پبلڪ هاءِ اسڪول پاران ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين اجرڪ ٽوپي پهري ٽيبلوز پيش ڪري جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن قومي گيت تي رقص ڪيو ويو ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال ذوالفقار ابڙو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسين ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جا شڪر گذار آھيون جنهن ايڪتا جو سڏ ڏئي پوري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي ثقافتي رنگن رڱي ڇڏيو آھي جنهن سبب پوري دنيا ايڪتا ڏينهن ۾ اجرڪ ٽوپي پائي دنيا آڏو زنده قوم طور نمودار ٿيندي آھي هنن چيو ته ايڪتا ڏينهن تي انتها پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان هيٺ ملهائي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏنو ويندو.