وارهه ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان ڇڪتاڻ تيز، مهمان پيرسن قتل

0
69
وارهه ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان ڇڪتاڻ تيز، مهمان پيرسن قتل
وارهه ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان ڇڪتاڻ تيز، مهمان پيرسن قتل

وارهه:  وارهه ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار  تان ڇڪتاڻ تيز، مهمان پيرسن قتل،  حمل ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير محمد ٻرڙو ۾ ميرڙاڻي  پاڙي جي چانڊين وٽ مهمان ٿي ترسيل 60 ورهين جي  غلام حسين چانڊيو کي هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس ۽ وارثن پهچي لاش کڻائي  اسپتال پهچايو، واقعي بعد ڌريون مورچابند  ٿي ويون، مقتولن جو انگ 5 ٿي ويو،پوليس جو چوڻ آهي ته  ميرڙاڻي پاڙي جي حملاڻي ۽ مراداڻي چانڊين جي ٻن ڌُرين  ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، پيرسن کي پلاند  ۾ قتل ڪيو ويو آهي، جاچ ڪريون پيا، مقتول جي ڀائيٽي چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي جوابدار  گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،  ڏيڍ سال اڳ ميھڙ جي وحدت ڪالوني ۾ ڪارنهن الزام  هيٺ ايس ٽي پي اڳواڻ علي انور چانڊيو ۽ سندس عبدالڪريم جانوري جي قتل بعد ڌرين ۾ خوني تڪرار جنم ورتو، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو وٽ ڌرين جو پاڪ ڪلام تي  نبيرو ٿيڻ باوجود گذريل مهيني نوجوان ھاشم چانڊيو  کي قتل ڪري تڪرار کي هڪ ڀيرو ٻيهر وڌايو ويو.