وارهه (ن پ ا) وارهه ڀرسان کنڊو روڊ تي بشارت لاڙي وٽان ڳوٺاڻي حضور بخش بلاڻي کان 3 هٿياربند ڦورن موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻي مزاحمت ڪئي، جنهن تي ڏوهاري کيس زخمي ڪري فرار ٿيا، ته متاثر ڳوٺاڻي وارثن کي اطلاع ڪيو، ڳوٺاڻن ۽ پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪري مقابلي بعد 3 جوابدارن کي کنڊو ڀرسان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ شڪيل، پرويز ۽ آصف جلباڻي طور ڪئي وئي، ايس ايچ او حبوب مٺياڻي ٻڌايو ته مقابلي بعد ٽنهين جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.