لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ وارهه تعلقي جي ڳوٺ خدابخش واهوچو واسي پورهيت دڙي ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي پورهيت نوجوان مريد واهوچو داهيندي الزام هنيو ته عيدالاضحيٰ کان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي شهر جي ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ ماسي وٽ آيل هئس، دڙي ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ ذوالفقار نوحاڻي ۽ چانڊيو ذات سان واسطو رکندڙ ٻنهي اهلڪارن چيڪنگ بهاني بيگناهه مون کي کنڀي ترڪ چوڪ تي بيگناهه باندي بڻائي تشدد ڪرڻ بعد 5 هزار روپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري بعد ۾ ڇڏي ڏنو، اهڙي دانهن کڻي دڙي ٿاڻي تي ويس جتي پوليس تدارڪ نه ڪيو، هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثر پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ڪيل روڪ رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.