وارهه (ن پ ا) روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران ايڪتا ڏينهن “ انتها پسندي کان آجي سنڌ” جي سري هيٺ ملهائڻ واري اعلان جي وارهه جي رهواسين طرفان آجيان ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ سياسي سماجي ادبي اڳواڻن منظور خان مارفاڻي، نجيب چانڊيو، عرفان منان آدرش اميرجان، ساگر ڇٽو ۽ ٻين چيو ته علي قاضي ايڪتا جو سڏ ڏئي سڄي قوم کي گڏ ڪيو آهي، انتها پسندي کان آجي سنڌ جو عنوان موجوده صورتحال جي ضرورت مطابق آهي، هنن چيو ته پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏينهن ٽائيم نيوز جي سڏ ۾ سڏ ڏئي ڀرپور نموني ملهائي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏنو ويندو.