وارهه (رپورٽ: اياز چانڊيو) وارهه ۾ اجتمائي زيادتي جو شڪار ٿيڻ بعد فوت ٿيل 17 ورهين جي نازيا چنو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري، موت جو سبب زخم ٿيڻ ۽ انفيڪشن جو جسم ۾ ڦهلجي وڃڻ قرار، خبر موجب اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻجڻ بعد اسپتال ۾ فوت ٿيل وارث ڪالوني واسڻ 17 ورهين جي ناري نازيا چنو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وومين ميڊيڪل آفيسر اسٽيٽمنٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته نازيا چنو سان ريپ ٿيڻ سبب کيس زخم ٿيو هو، جيڪو وڌي وڃڻ سبب انفيڪشن جا اثر سموري جسم ۾ ڦهلجي ويا، جنهن ڪري سندس موت ٿيو، ياد رهي ته ناري سان زيادتي بعد جوابدارن کان ورتل ڊي اين اي سيمپل جي رپورٽ لمس ليبارٽري طرفان اڃا تائين پڌري ناهي ڪئي وئي، جنهن ڪري جاچ رڪيل آهي.