وارهه (ن پ ا) سنڌو درياهه کان  وارهه برانچ ۾ پهتل ناياب نسل جي انڌي ٻلهڻ کي ٻن ڏينهن جي ڳولا بعد جهنگلي جيوت کاتي جي ڊولفن ريسڪيو  ايمرجنسي ٽيم ڳوٺ شفيع محمد ڇٽو  ڀرسان وارهه بئراج مان هٿ ڪري باحفاظت نموني سکر لب مهراڻ منتقل ڪري ڇڏيو، ڊولفن  ايمرجنسي سيل انچارج مير اختر ٽالپر پنهنجي اخبار کي  ٻڌايو ته هٿ آيل انڌي ٻلهڻ ناياب نسل جي آھي، جيڪا اڍائي فٽ ڊگهي ۽ اندازن 40 ڪلو وزن جي آھي، جنهن کي باحفاظت نموني لب مهراڻ سکر ۾ منتقل ڪيون پيا.