سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ٽين ٽيسٽ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪندي ڊيوڊ وارنر کي سڊني ۾ الوداعي ميچ جو موقعو ڏئي ڇڏيو.
ڊيوڊ وارنر کي ايندڙ هفتي سڊني ۾ پاڪستان خلاف ٽين ۽ آخري ٽيسٽ لاءِ ٽيم ۾ برقرار رکيو ويو آهي، الوداعي ميچ کيس اباڻي شهر مان ڏني وئي آهي.وارنر جون ۾ چيو هو ته مان سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پنهنجي 12 ورهين جي ٽيسٽ ڪيريئر جي پڄاڻي چاهيان ٿو.
چيف سليڪٽر جارج بيلي چيو ته اسان ان ئي ٽيم کي برقرار رکيو آهي، ڇو ته ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئيپ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان ڊيوڊ وارنر جي آخري ٽيسٽ ميچ ۽ هوم گرائونڊ تي ان جي شاندار ڪيريئر جي پڄاڻي جو جشن ملهائڻ لاءِ منتظر آهيون.
واضح رهي ته سڊني ٽيسٽ لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ پيٽ ڪمنز (ڪپتان)، اسڪاٽ بولينڊ، ايليڪس ڪيري، ڪيمرون گرين، جوش هيزل ووڊ، ٽريوس هيڊ، عثمان خواجا، مارنس لبوشين، نيٿن ليون، مچل مارش، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ ۽ ڊيوڊ وارنر شامل آهن.