وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان سرگرميون زور سان شروع ٿي ويون، پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز لغاري جي صدارت هيٺ يونين ڪائونسل وارث ڏنو ماڇي ۽ يونين ڪائونسل وڏا ٻوسڻ جي ڪارنر  گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، اعجاز لغاري خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، 26 جون تي تير تي ٺپا ھڻي ڪاميابي حاصل ڪري شھيدن جي مزارن تي ھلي سرخرو ٿينداسين. هوڏانهن يوسي ٻوسڻ جي مختلف ڳوٺن جي ماڻهن صحبت بوزدار، فقير نثار بوزدار ۽ ٻين  پاران پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.هوڏانهن پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آزاد اميدوار گڏجي اليڪشنن وڙهڻ تي اتفاق ڪيو آهي،يونين ڪائونسل وڏا ٻوسڻ ۾ پ پ پاران ٽڪيٽ نه ملڻ تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندڙ نظر علي بروهي ۽ پي ٽي آءِ سينيٽر گروپ جي اميدوار کي پڻ ٽڪيٽ نه ملڻ تي آزاد پينل تي چونڊ وڙهندڙ لطف الله بروهي جي پينلن پاڻ ۾ اتحاد ڪري ڇڏيو آهي، لطف الله بروهي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان اسان جا يوسي ٻوسڻ ۾ ٻه الڳ  آزاد پينل بيٺا هئا جيڪي اسان پاڻ ۾ اتحاد ڪري هڪ ٿي ويا آهيون، ضلعي ڪائونسل جي سيٽ منهنجي ڀاء عاشق بروهي کي ڏني وئي آهي،  انشاء الله پ پ کي شڪست ڏئي سوڀ ماڻينداسين.