وارث ڏنو ماڇي ۾ چوريءَ جي ڪوشش: فائرنگ: چور مارڻ جي دعويٰ: 3 ڄڻا زخمي

0
21
وارث ڏنو ماڇي ۾ چوريءَ جي ڪوشش: فائرنگ: چور مارڻ جي دعويٰ: 3 ڄڻا زخمي
وارث ڏنو ماڇي ۾ چوريءَ جي ڪوشش: فائرنگ: چور مارڻ جي دعويٰ: 3 ڄڻا زخمي

وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري  ڳوٺ مولابخش پنهيار ۾ رات جو نامعلوم چور پورھيت اشرف پنھيار جي گهر ۾ داخل ٿيا ته ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ بعد چورن ۽ ڀاڳين جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي،فائرنگ ۾  3 ڀاڳيا گلمير پنهيار، اڪرم پنهيار ۽ خادم حسين پنهيار ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار زخمي ٿي پيو، زخمين ڀاڳين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي جوابدار کي پوليس حراست ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو اسپتال ۾ الزام هيٺ آيل جوابدار دم ڏئي ڇڏيو ،ان حوالي سان پنهيار برادري جي غلام جعفر پنهيار جو چوڻ هو ته چورن تر تپائي ڏنو آهي، اڳ ۾ به چوري جي ارادي سان آيا هيا اسان جي سڄاڳ ٿيڻ تي چور ڀڄي ويا، هاڻي ٻيهر آيا ته سجاڳ ٿيڻ تي مزاحمت دوران  اسان جا 3 ڄڻا زخمي ٿيا آھن جڏهن ته چورن جي پنهنجي ئي فائرنگ ۾ هنن جو هڪ ساٿي به مارجي ويو آهي. جنهن جي سڃاڻپ ڳڙهي خيرو تعلقي جي ڳوٺ حاجي جلال ڪٽوهر جي رهواسي صادق ڪٽوهر طور ڪئي وئي آهي،ٻي طرف،مارجي ويل جي امڙ ڪمالان خاتون جو چوڻ هيو ته منهنجو پٽ ٿريشر تي وڃي رهيو هيو جنهن کي رستي ويندي پنهيارن اڳ وٺي بيگناهه قتل ڪيو آهي.ٻي طرف ھوڏانھن وارث ڏنو ماڇي پوليس جو چوڻ هو ته چور ڳوٺاڻي جي گھر مان چوري ڪري رھيا ھئا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي ويا، ٻنھي طرفن کان فائرنگ ھلي، ساٿين جي فائرنگ ۾ جوابدار مارجي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي.