وارث ڏنو ماڇي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو قتل: 2 ڄڻا گرفتار

0
52
وارث ڏنو ماڇي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو قتل: 2 ڄڻا گرفتار
وارث ڏنو ماڇي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو قتل: 2 ڄڻا گرفتار

وارث ڏنو ماڇي(رپورٽ: نورالدين سولنگي) وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ گھر پنھنجا ۾ نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري واحد بخش لهر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ڀائٽي جاويد لهر جو چوڻ هو ته اسان جو پنهنجي ذات وارن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن جو فيصلو به ٿيل آهي، اسان ڏنڊ ڏوھ به ڀري ڏنو ھيو ان باوجود به ڄاڻايل جوابدارن اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري منهنجي چاچي کي بيگناهه قتل ڪري ناحق ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل ڌر جي بابو لھر جو چوڻ ھو  ته قتل ٿيل نوجوان منھنجو ڀاڻيجو آهي، جنھن جو اسان مٿان الزام لڳائي اسان کي بيگناھه قتل ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي، اڳ اسان جو ڄاڻايل ماڻھن سان سڱاوتي مسئلو ھيو، جنھن جو فيصلو به ٿيل آهي، ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته گذريل رات وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مولا بخش پنھيار ۾ چوري جو واقعو ٿيو آهي جنھن ۾ ڀاگين ۽ چورن وچ ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ به ٿي آھي جنھن ۾ ھڪ چور مارجي ويو آهي ۽ ٽئي ڀاڳيا زخمي ٿيا آھن، اسان کي خبر پئي آهي ته ھي ھمراھه اتي مارجي ويو آهي، الزام وري اسان مٿان لڳايو پيو وڃي. هنن چيو ته پوليس اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري 2 پورھيتن عبدالوھاب ۽ شھزادو لھر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ھوڏانھن پوليس جو چوڻ ھو ته معاملي جي جاچ ڪيون پيا.