وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ويجهو ڏوهارين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد علاج دوران فوت ٿي ويل 44 سالا پوليس اهلڪار غلام عباس بروهي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ اعجاز احمد لغاري، نظر محمد پٺاڻ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو آصف رضا بلو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، کيس پوليس جي جوانن سلامي پيش ڪئي، بعد ۾ سندس مڙهه سرڪاري اعزاز سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، پوليس کاتي پاران شهيد اهلڪار جي وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ هڪ نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.