لاهور  (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته واريون وٺڻ جا طلبگار گذريل ڪارڪردگي جو حساب ڏين. خانداني بادشاهتن جو دور ختم ٿي ويو، هاڻي آقا ۽ غلام جي ورڇ نه ٿيندي.  لاهور ۾ خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪمرانن کي ڪرپشن کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم اچي ئي ڪونه ٿو. قوم 8 فيبروري کي جاگيردارن ۽ سرمايئدارن جو يومِ حساب ٺاهي ڇڏيندي. هن چيو ته وياجي نظام ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عوام جماعت اسلامي کي ووٽ ڏئي.