وائڪنگ جي اباڻي ڌرتي گرين لينڊ، نئين جنگ جو دنگ

0
42
وائڪنگ جي اباڻي ڌرتي گرين لينڊ، نئين جنگ جو دنگ

وائڪنگز جي اباڻي ڌرتي گرين لينڊ هن وقت پوري عالمي سياست جو اهم مرڪز بڻجي ويو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هر صورت ۾ گرين لينڊ کي خريد ڪرڻ يا قبضي واري مهم کانپوءِ برف سان ڍڪيل ان خطي جي سياسي ۽ فوجي اهميت غزه جيان هاڻ وڌي وئي آهي. ڊنمارڪ جي بادشاهت جو اهو خطو جيتوڻيڪ نيم خودمختيار ٻيٽ آهي پر ان تي هزار سالن کان قبضي جا قصا هلندا پيا اچن. روس، چين، جرمني، فرانس سميت يورپي ملڪ ۽ خاص طور تي آمريڪا هر حالت ۾ آخر ڇو ان ٻيٽ کي حاصل ڪرڻ گهرن ٿا ۽ ان کي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي. قدرت جي نعمتن سان مالا مال دنيا جو اهو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ نئين عالمي جنگ جو هڪ ٻيو اهم لنگهه بڻجي ويو آهي.گرين لينڊ، دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي، جيڪو پنهنجي منفرد جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت جي ڪري هميشه تاريخدانن، سياحن ۽ نوآبادياتي طاقتن جي دلچسپي جو مرڪز رهيو آهي. اهو ٻيٽ بحر اوقيانوس ۽ آرڪٽڪ سمنڊ جي اترين حصي جي وچ ۾ واقع آهي، ۽ جاگرافيائي طور تي اتر آمريڪا جو به حصو آهي. پر سياسي طور تي اهو هن وقت ڊنمارڪ جي اثر هيٺ آهي، پر ان جي آزادي جي تحريڪ صدين کان اڄ به جاري آهي، ان جي ابتدائي تاريخ شڪاري قبيلن جي آمد کان وٺي اڄ جي جديد ۽ خودمختيار دور جي مختلف تاريخن تي مشتمل آهي. هي هڪ اهڙو خطو به آهي، جتي هزارين سالن کان ڪيترين ئي قومن، ثقافتن ۽ طاقتن کي ايندي ويندي ڏٺو ويو آهي. وائڪنگز کان وٺي اينونٽ قوم ۽ پوءِ يورپي نوآبادياتي دور جي خودمختيار تحريڪ کان وٺي ان جي زوال تائين جي تاريخ انتهائي دلچسپ رهي آهي. گرين لينڊ جي ڪهاڻي هڪ مسلسل ارتقا جو مثال به آهي. اڄ به اهو ٻيٽ پنهنجي تاريخي ورثي، حيثيت ۽ جاگرافيائي سرحدن جي ڪري دنيا جي سپر طاقتن جو مرڪز آهي، جيڪي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن.

قديم دور ۽ انساني آبادڪاري جي شروعات

گرين لينڊ ۾ انساني آمد جي شروعات تقريبن 4500 سال پهرين شروع ٿي. شروع ۾ اتي سائبيريا ۽ اتر ڪينيڊا جا شڪاري ماڻهو اچڻ شروع ٿيا. انهن کي “پاليو ايسڪيمو  (Paleo-Eskimos)  سڏيو ويندو هو. ان بعد 2500 قبل مسيح “ساڪاڪ” (Saqqaq) ثقافت اسري، اهي ماڻهو بنيادي طور تي شڪار ۽ مڇي ذريعي پنهنجي زندگي جو گذر سفر ڪندا هئا. ان بعد “ڊورسيٽ” (Dorset) ثقافت وارا ماڻهو آباد ٿيا، جيڪي تقريبن 500 قبل مسيح کان 1500 عيسوي تائين موجود رهيا. اهي ماڻهو آرڪٽڪ خطي ۾ رهڻ جا ماهر هئا ۽ سخت سردي واري موسم ۾ شڪار ڪندا هئا ۽ برفاني گهر ٺاهي رهندا هئا، هو اڪثر ڪري جانورن جي کلن سان ٺاهيل ٻيڙين جو استعمال ڪندا هئا.

وائڪنگ دور ۽ يورپين جي آمد

وائڪنگز بنيادي طور تي وحشي ويڙهاڪ، سامونڊي ڌاڙيل ۽ واپاري هئا. انهن قسطنطنيه، روس ۾ وولگا درياهه، اولهه ۾ آئس لينڊ، گرين لينڊ، نيوفائونڊلينڊ وارن علائقن جو تمام گهڻو ڊگهو سفر ڪيو هو. هنن برطانيا، آئرستان ۽ پوري يورپ ۾ تمام گهڻي تباهي مچائي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته 793 ۾ پهرين وائيڪنگز انگلينڊ جي ٻيٽ Lindisfarne جي هڪ ٺڪاڻي تي حملو ڪري هزارين ماڻهن جو قتل عام ڪيو، سوين ماڻهن کي غلام بڻايو، ان جي خبر يورپ وارن کي پئي ته اتي سڪتو طاري ٿي ويو. 795 ۾ وائڪنگ جي ٻئي گروپ ناروي کان آئرلينڊ، وري ان جي ٽئين گروپ جرمني، فرانس، اسپين، اٽلي ۽ اتر آفريڪا تائين وڃي اتي لکين ماڻهن جو قتل عام ڪري ڪروڙين اربين رپين جي ڦرلٽ ڪري لکين ماڻهن کي غلام بڻائي، اتان جي عيسائي مذهب تي مڪمل بندش هڻي ڇڏي. سويڊن جا وائڪنگ روس پهچي ويا، جتي عيسائيت تي بندش هڻي پنهنجا خدا ٺاهي ڇڏيا، جن جا نالا “ٿور ۽ اودن” رکيا ۽ ماڻهن کي انهن جي پوڄا جا حڪم جاري ڪيا. 830 ۾ مسيحي عالمن جو هڪ گروپ انهن سان مليو ۽ انهن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو. 835 کان 841 تائين انگلينڊ، آئرلينڊ 930 ۾ آئس لينڊ، 930 ۾ ڊنمارڪ ۾ وائڪنگ مڪمل حڪمراني قائم ڪئي، اتي هوريان هوريان مسيحت وڌڻ لڳي، پر سندن بادشاهه ڳالهه نه مڃي. 982 ۾ ايرڪ دي ريڊ جي هڪ قتل ڪيس ۾ جهيڙو وڌي ويو، جنهن کي جلاوطن ڪيو ويو، جنهن گرين لينڊ ڳوٺ ٺاهي پنهنجي خاندان کي آباد ڪيو، پوءِ ٻيا ماڻهو به آيا. ايرڪ جو پٽ ليف وري “ون لينڊ” ٺاهيو. هڪ هزار سالن تائين انگريزن انهن وائڪنگز کي لکين ڊالرن جو سون ڏنو ته هو انهن کي جيئڻ ڏين. 1016ع ۾ ناروي جي وائيڪنگز مسيح ٿيڻ شروع ٿيا. 1066ع تائين هو سڪون سان رهيا ۽ واپار ۾ دلچسپي ورتي، رومن ايمپائر کي به هنن واهه جا ٽوٽا چٻايا هئا. انگلينڊ، آئرلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾وڃي انهن فرانسيسي، انگريزي، آئرش ۽ روسي زبان سکي ۽ پوءِ لکين وائڪنگز انهن ملڪن جا رهاڪو ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي آمريڪي اينوينٽ قوم وارن ورتي

آمريڪي اينونٽ قوم جي آمد (13 کان 18 صدي تائين)

جڏهن نورس وائڪنگز اتي آباد هئا ته تقريبن 13هين صدي دوران اينونٽ (Inuit) قوم اتر آمريڪا مان آرڪٽڪ علائقي مان لڏپلاڻ ڪري گرين لينڊ ۾ داخل ٿي. اهي برفاني هئا، شڪار ڪري جانورن جي کلن سان ٻيڙيون ٺاهي رهندا ۽ هلندا هئا. ويڙهاڪ هجڻ ڪري اڪثر ڪري وائڪنگز سان جنگين ۾ رهيا. 15هين صدي کانپوءِ اينونٽ قوم وائڪنگز جي جاءِ والاري.

يورپي نوآبادياتي دور (18هين کان 20هين صدي تائين)

وائيڪنگ ۽ اينونٽ قومون ڪنهن به مذهب کي نه مڃينديون هيون، يورپي عيسائين خطي تي قبضي لاءِ مذهب جو ڀرپور استعمال ڪيو. اهڙي ريت 1721ع ۾ ڊنمارڪ جي عيسائي اڳواڻ هينز ايگي گرين لينڊ ۾ وائڪنگز کي عيسائي ڪرڻ آيو پر جڏهن هو پهتو ته وائڪنگز جو خاتمو ٿي چڪو هو. جنهن بعد ڊنمارڪ اتي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو. 18هين ۽ 19هين صدي تائين ڊنمارڪ اتي پنهنجا واپاري مرڪز قائم ڪيا ۽ گرين لينڊ جي معيشت کي ماهيگيري ۽ مڇي جي شڪار ذريعي ترقي ڏياري. 1814ع ۾ جڏهن ڊنمارڪ جي ناروي کان بادشاهت ختم ٿي ته گرين لينڊ ڊنمارڪ جي مڪمل قبضي ۾ اچي ويو. 19هين صدي جي آخر ۽ 20هين صدي جي شروع ۾ ڊنمارڪ گرين لينڊ کي ترقي ڏياري رياست جو درجو ڏنو.

ٻئين مهاڀاري جنگ ۽ گرين لينڊ

ٻئين مهاڀاري جنگ دوران 1940ع ۾ نازي جرمني ڊنمارڪ تي قبضو ڪيو ۽ گرين لينڊ ڌار ٿي ويو، جنهن تي وري آمريڪا ڪنٽرول حاصل ڪري فوجي اڏا قائم ڪري جرمني کي ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪيو. آمريڪا آرڪٽڪ خطي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنهنجا فوجي لاهي ڇڏيا. جنگ بعد گرين لينڊ کي وري ڊنمارڪ جو حصو بڻايو ويو ۽ مقامي ماڻهن کي ڊينش شهريت ڏني وئي. 1979ع ۾گرين لينڊ آزادي جي تحريڪ زور ورتو. جنهن تي گرين لينڊ کي “هوم رول” جو درجو ئي ان کي خودمختيار بڻايو ويو. 2009ع ۾ انکي خودمختيار ڪري کين پنهنجي حڪومت، جهنڊو، پنهنجي زبان (گرين لينڊڪـ) ڏني وئي. پر پرڏيهي پاليسي ۽ دفاعي معاملا اڄ به ڊنمارڪ جي ڪنٽرول هيٺ آهن. هن وقت ان ٻيٽ جي ڪل آبادي 56000 آهي، معيشت جو دارومدار ماهيگيري، معدنيات ۽ سياحت تي آهي. پورو خطو صدين کان برف سان ڍڪيل آهي، جيڪا هاڻ ڳري پئي.

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ابراهام لنڪن جي پرڏيهي وزير وليم هيري سيوارڊ 1860ع ۾ ان وقت پنهنجي صدر کي گرين لينڊ ۽ آئس لينڊ خريد ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي، جڏهن آمرڪا روس سان الاسڪا کي خريد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڳالهيون ڪري رهيو هو. آمريڪا ان وقت روس کان الاسڪا 30 مارچ 1867ع تي 72 لک ڊالر ۾ خريد ڪيو هو. جيتوڻيڪ اهو علائقو آمريڪا جي ڀرسان نه هو پوءِ به آمريڪا جي باقاعده رياست بڻجي ويو. 2017ع ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گرين لينڊ قدرتي وسيلن، لوهه، ٽامي، اليومينيم ۽ يورينيم جي ذخيرن جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، ان ڪري ان کي فورن خريد ڪيو وڃي. ٻئين عالمي جنگ کانپوءِ صدر هيري ٽرومين به 1946ع ۾ گرين لينڊ کي خريد ڪرڻ لاءِ10 ڪروڙ ڊالرن جي آڇ ڪئي پر ڊنمارڪ ان کي رد ڪيو هو. موجوده يورپ جي ان ملڪ 1916ع ۾ ڊنمارڪ کان ويسٽ انڊيز 2 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ جي سون عيوض ان کي وڪرو ڪرڻ جي حامي ڀري هئي پر بعد ۾ اهي ڳالهيون ناڪام ٿيون، هاڻ اهو خطو يو ايس ورجن آئيلينڊ چورائيندو آهي.

گرين لينڊ جو 85 سيڪڙو علائقو برف سان ڍڪيل آهي. ٻئين عالمي جنگ بعد ئي اهو ٻيٽ آمريڪا جي فوجي حڪمت عملي جي حوالي سان انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو. انهن نازي جرمني کي ڪنٽرول ڪيو. آمريڪا جي هوائي فوج 1943ع ۾ اتي پهريون ايئربيس قائم ڪيو هو، جنهن کي سرد جنگ دوران روس خلاف استعمال ڪيو ويو. هاڻ ان کي نيٽو ڪنٽرول پيو ڪري. جتي سندن 600 فوجي مقرر آهن. اتان کان سيٽلائيٽ مانيٽرنگ ۽ اسٽريٽجڪ ميزائل سسٽمز جي نگراني به ڪئي ويندي آهي. هاڻ اهو دنيا جو نئون سامونڊي رستو ٺهڻ شروع ٿي ويو آهي. روس جي جيتوڻيڪ ان تي ڪا دعوا ناهي پر هو اتي ڪافي متحرڪ آهي. چين جي ان پوري خطي تي نظر آهي، جنهن اتي سامونڊي واپار وڌايو. هن جنوري 2018ع ۾ “پولر سلڪ روڊ” منصوبي تي به ڪم شروع ڪيو. 2004ع ۾ تحقيق لاءِ سائنٽيفڪ مشن به اماڻيو هو. چين اتان جي کاڻين جي کوٽائي جا اجازت ناما به حاصل ڪري گذريل سال 3 ايئرپورٽ ٺاهڻ جي آڇ به ڪئي. ان آڇ بعد ڊنمارڪ ۽ آمريڪا به اکيون پٽيون ۽ يڪدم حرڪت ۾ اچي ويا. آمريڪا جي هنگامي تي ڊنمارڪ چين جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو.

زمين جو هي سڀ کان وڏو ٻيٽ آرڪٽڪ جي برف پگهرجڻ جي ڪري سمنڊ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. ورلڊ ميٽرولوجسٽ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته هي پاڻي مٺو ۽ کارو آهي، هي درياهه ۽ سمنڊ ٻئي شيون گڏ هلائي رهيو آهي. گرين لينڊ تي پاڻي جي سطح 3.3 ملي ليٽر بلند ٿي رهي آهي. ان ٻيٽ تي پاڻي جي سطح 1993ع کان 2004ع تائين جي مقابلي ۾ 2004ع کان 2015ع جي وچ ڌاري تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، اتي سمنڊ جي سطح ۾ 25 کان 30 سيڪڙو اضافو نوٽ ڪيو ويو آهي. گرين لينڊ برف جي تهه جي پگهرجڻ جي رفتار 25 سيڪڙو آهي، جيڪا 20 سالن ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جيڪڏهن ان ٻيٽ جي سموري برف پگهرجي وڃي ته ان جي پاڻي جي سطح ۾ 23 فوٽ تائين اضافو ٿي ويندو. برف جي پاڻي ٿيڻ سان لڪل قدرتي نعمتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. ان خطي ۾ تيل، گيس، معدنيات جا تمام وڏا ذخيرا موجود آهن، گرين لينڊ ۾ سون، يورينيم، قيمتي اڇو، ڪارو پٿر، لوڻ جو عجيب قسم، عالمي سيڙپڪارن لاءِ اتي موجود لوهه، اليومينيم، ٽامو، پلاٽينيم ۽ ٻيا اهڙا ڌاتو موجود آهن، جنهن سان دنيا جا خطرناڪ ترين ايٽمي هٿيار به سولائي سان تيار ڪري سگهجن ٿا.

گرين لينڊ حڪومت جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، “آمريڪا دوست آهي پر پنهنجي ڌرتي ڪنهن کي نه وڪڻنداسين. ڪنهن زوري ڪئي ته پنهنجو دفاع ڪرڻ به ڄاڻون ٿا. گرين لينڊ ۾ عالمي واپار جي آجيان ڪبي. پر اهو وڪري لاءِ ناهي. ان ڪري اسان جي ڌرتي تي نظرون ڄمائڻ بند ڪيون وڃي”. ان بيان جي ٽرمپ اڳيان ڪهڙي حيثيت آهي، ان جو اندازو سڀني کي آهي.، آمريڪا روس ۽ چين کي روڪڻ لاءِ هر حالت ۾ ان کي هٿ ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار پيو ڪري. يوڪرين جي معاملي کانپوءِ ان تي انهن سپر طاقتن وچ ۾ اهم جنگ شروع ٿي ويندي، جنهن ۾ نيٽو ۽ يورپي ملڪن به حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪئي آهي، جيڪا امڪاني ٽئين عالمي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.