وائيٽ ھائوس وارو واقعو ۽ سياست جو نئون سفر

0
21
وائيٽ ھائوس وارو واقعو ۽ سياست جو نئون سفر

عالمي سياست جا سادا عاشق اڃان تائين صدمي ۾ آھن. انهن کي يقين نه ٿو اچي ته عالمي ميڊيا آڏو وائيٽ ھائوس ۾ اھڙو واقعو پيش اچي سگھي ٿو، جيڪو ڪنهن جي تصور ۽ گمان ۾ به نه ھو. دنيا جي مشھور چينلن تي ھن مھل تائين پوڙھا، پڪا توڙي نوجوان اينڪر اھا وائي ورجائي رھيا آھن ته “اھو وائيٽ ھائوس جتي غيرملڪي سربراھ جي آمد ھڪ مخصوص اسڪرپٽ جي تحت پيش ٿيندي آھي. ڏھن پندرھن منٽن کان وٺي وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ تائين آمريڪي صدر مصنوعي مرڪ سان ڪنڌ ڌوڻي ڪجھ ٻڌندو ۽ ڪجھ ٻوليندو آھي. اھڙي پريس بريفنگ ۾ نه صرف مخصوص صحافين کي سوال ڪرڻ جي اجازت حاصل ھوندي پر انهن کي اھو به ٻڌايو ويندو آھي ته کين ڪھڙو سوال ڪرڻو آھي؟ جنهن اوول آفيس جي ھر چرپر اسٽيج تي پيش ٿيندڙ ڊرامي جھڙي ھوندي آھي، جنهن ۾ ڪنهن کي ڪيترو مسڪرائڻو آھي، ڪيترو سنجيده نظر اچڻو آھي ۽ ڪنهن کي ڪھڙي انداز سان ويھڻو ۽ ڪھڙي انداز سان اٿڻو آھي؟ مصافحو ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن کي اڳ ۾ ھٿ وڌائڻو آھي ۽ ملايل ھٿ ڪيتري وقت تائين جھلڻو آھي ۽ ان کي ڪيترو جھولائڻو آھي؟ جنهن ۾ ھڪ ھڪ ۽ ننڍي کان ننڍي عمل جي پويان به تمام گھڻي رٿابندي ٿيل ھوندي آھي، ان ۾ اچانڪ اھو ڇا ٿيو جو اڌ رات جو پويون گلاس پيئندي پروگرام ڏسڻ وارن جا نشا اڏامي ويا ۽ انهن کي پوري رات اھو سوچي ننڊ نه آئي ته ھي ڇا ٿيو؟ ڇو ٿيو؟ ھاڻي ڇا ٿيندو؟”

ھن وقت تائين اڃان به ڪجھ سٻاجھا صحافي ۽ سياسي مبصر بضد نظر اچن ٿا ته اھو ڪجھ اچانڪ پيش آيل حادثو ھو. جڏھن ته بقول شاعر “حادثا به اچانڪ نه ٿيندا آھن. وقت انهن جي به سالن کان وٺي پرورش ڪندو رھندو آھي” پر ھي ته حادثو ھرگز نه ھو. اھو ڪجھ ته اڳواٽ طئه ٿيل اھو منصوبو ھو، جنهن مطابق يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنڪسي جي شامت اچڻي ھئي. ھن کي ٽرمپ ھٿان پنهنجو پٽڪو لھرائڻو ھو. ھن کي بين الاقوامي ميڊيا آڏو بيعزتو ٿيڻو ھو. ان حد تائين جو ھن کي پنهنجي مان ۾ رٿيل مانجھاندو ڪرڻ ته ڇا پر وائيٽ ھائوس ۾ پاڻي پيئڻ به نصيب نه ٿيو. ھن جو اھو حشر ٿيو جنهن جو اظھار مرزا غالب پنهنجي ھڪ مشھور شعر ۾ ڪجھ ھن طرح سان ڪيو آھي:

“نڪنا خلد سي آدم ڪا سنتي آئي ٿي ليڪن

بهت بي آبرو ھوڪر تيري ڪوچي سي ھم نڪلي”.

پر سلام آھي، يوڪرين جي سربراھ کي، جنهن ايتري ساري بيعزتي برداشت ڪرڻ کان پوءِ به ڊونالڊ ٽرمپ جي خلاف ٻه لفظ نه ٻوليا. ھو جيڪو وائيٽ ھائوس مان نڪري ٽرمپ جي حامي ميڊيا “فاڪس نيوز” جي سيٽ تي براجمان ٿيو. جتي ھن سان ھمدردي ڪرڻ بدران کائنس پڇيو ويو ته ڇا ھو پنهنجي رويي تي شرمندگيءَ جو اظھار ڪندي معافي وٺندو؟

ھو جيڪو ھن مھل به آمريڪا جي پيرن مان اٿڻ جي لاءِ تيار نظر نه ٿو اچي، جيڪڏھن ھن کي پڪ ھجي ھا ته معافي ملڻ سان معاملو رفع دفع ٿي ويندو ته ھو ٽرمپ جي پيرن تي ڪرڻ ۾ به دير نه ڪري ھا. پر ھن کي معلوم ھو ۽ ھو ڄاڻي ٿو ته معاملو ايترو سادو ناھي، جنهن کي منرلز تائين محدود ڪري سگھجي يا جنهن کي ٽرمپ جي صلاح مڃڻ امن طرف اچڻ جي حوالي سان ڏسجي؟ اھو معاملو جيڪو بظاھر ٽرمپ ۽ زيلنسڪيءَ جي وچ ۾ نظر آيو، اھو اصل ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي درميان ٿيندڙ نئين دور جي سياسي صف بنديءَ جي ابتدا جو اشارو آھي. اھوئي سبب آھي ته آمريڪا ۾ يوڪريني صدر جي جيتري توھين ٿي آھي، يورپ ھن کي ايتري ئي عزت سان نوازڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. يورپ جا اھم ملڪ ٽرمپ جي رويي جي مذمت ڪرڻ جي حد تائين افسوس جو اظھار ڪن ٿا ۽ ھو يوڪرين سان ھر حال ۾ گڏ بيھڻ جا اعلان به ڪن ٿا. ٽرمپ پاران پھتل زخمن تي مرھم رکڻ جي لاءِ برطانيا جي سربراھ ولاديمير زيلنسڪيءَ کي ٻه ارب پائونڊ ڏيڻ جو اعلان به ڪيو آھي پر اھا رقم کيس اھڙي قرض جي صورت ۾ ڏني پئي وڃي، جنهن جي نه موٽڻ جي پوري پڪ آھي. ڇو ته جيڪو ملڪ طويل بحران ۾ آھي، جنهن جي ڦڏي کي ڏھاڪو مڪمل ٿي چڪو آھي ۽ جيڪا جنگ ھن مھيني ٽي سال مڪمل ڪندي، ان ملڪ جي معاشي حالت اھڙي ھرگز ناھي، جيڪو يورپ جي ملڪن جو قرض واپس ڪري سگھي. پر جنهن صورتحال ۾ يوڪرين جي صدر ۽ آمريڪا جي سربراھ وچ ۾ انتهائي ناخوشگوار واقعو پيش آيو آھي، ان وقت برطانيا پاران امداد جو اعلان سفارتي سياست ۾ ڪجھ مشڪل صورت اختيار ڪرڻ جو سبب ٿي سگھي ھا. جڏھن ته برطانيا به جيڪو ڪجھ ڪندو، اھو اڪيلي سر ڪرڻ بدران ان يورپي يونين جي معرفت ئي ڪجھ ڪندو، جنهن مان ھو ٻاھر نڪري به مڪمل طور تي آجو ٿي نه سگھيو آھي.

يوڪرين جنگ ۾ جنهن جنهن جيترو حصو پتي شامل ڪيو آھي، اھي ملڪ ھن مھل ششدر آھن پر عجب جھڙي ڳالھ اھا آھي ته ھن وقت تائين روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ڪنهن مخصوص مام سبب ماٺ آھي. جڏھن ته ھن جي ڪابينا جي ھڪ وزير زيلنسڪيءَ جي ذلت تي طنز جا تير ته وسايا آھن پر حيرت جي ڳالھ اھا آھي ته چين اڃان تائين چپ جو روزو نه ٽوڙيو آھي. ۽ نه صرف چين پر دنيا جا اھي تمام گھڻا ملڪ جيڪي يوڪرين جنگ جي خلاف ھئا، انهن ھن مھل تائين خاموشي اختيار ڪري رکي آھي. ڇو ته انهن کي کڙڪ پئجي وئي آھي ته معاملو ڪو ٻيو رخ اختيار ڪري رھيو آھي.

يوڪرين جي حوالي سان اھو رخ ڪھڙو آھي؟ جيتوڻيڪ زيلنڪسيءَ پنهنجي مغموم ملاقات دوران ان جو دٻيل لفظن ۾ ڪجھ نه ڪجھ تذڪرو ڪيو ھو، ھن آمريڪي صدر کي چيو ھو ته توڙي جو اوھان ائٽلانٽڪ سمنڊ سبب گوشه عافيت ۾ آھيو پر سڀاڻي اوھان تائين به مشڪل صورتحال رسي سگھي ٿي ۽ ان تي ٽرمپ جو ميٽر به شارٽ ٿيو ۽ ھن کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته کيس پنهنجي اوقات ۾ رھڻ گھرجي. آمريڪا پنهنجي طاقت سان مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر اھا مشڪل ڪھڙي ٿي سگھي ٿي؟ ان راز تان ھن مھل آھستي آھستي پردو ھٽي رھيو آھي. ھن وقت يورپ پاران اھو اظھار ٿيڻ شروع ٿي ويو آھي ته ٽرمپ پنهنجا رستا يورپ کان موڙي رھيو آھي. ٻين لفظن ۾ ٽرمپ پراڻن دوستن کي ڇڏي پراڻي دشمن کي نئون دوست بڻائڻ جي چڪر ۾ آھي.

ڇا ٽرمپ نئين عالمي سياست جي ابتدا ڪندي سوا صديءَ کان پوءِ روس طرف دوستيءَ جو ھٿ وڌائي رھيو آھي؟ ٽرمپ جي دل ۾ پيوٽن جي لاءِ نرم گوشو ته ان وقت به ھو، جڏھن ھو پھريون ڀيرو صدر بڻجي رھيو ھو ۽ ان وقت به پيوٽن ھن جي حمايت ڪئي ھئي ۽ ان تي آمريڪا جي اسٽيبلشمينٽ کي مٺيان به لڳي ھئي. پر اھو ٽرمپ جو پھريون تجربو ھو. ھو ملامتن جي وسڪاري ۾ ھو. ھن وقت ھو پڪو پختو ٿي آيو آھي ۽ ھن ڀيري ھن اچڻ سان آمريڪا جي نالي ماتر اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي ھٿ وس ڪندي، انهن اھم فردن کي به ھٽائي رھيو آھي، جن مان کيس ڪنهن قسم جي فتني جو خدشو آھي. ھو ھن ڀيري پوري تياريءَ سان روس ۽ آمريڪا جي نئين رشتي جو بنياد وجھڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ان ڪوشش ۾ ھو ڪامياب ٿي سگھي ٿو يا نه؟ جيڪڏھن ٿئي ٿو ته اھا ڪاميابي ڪھڙي ۽ ڪيتري ھوندي؟ ان سلسلي ۾ ڪجھ به چوڻ بلڪل به قبل از وقت ھوندو پر يورپ پاڻ سان ٿيل ان قسم جي دوکي تي پريشان ٿيڻ سان گڏ جنهن ڪاوڙ جو اظھار ڪندو، ان جي عملي صورت ڪھڙي ٿي سگھي ٿي؟ ڇا يورپ جي غم ۽ غصي کي ٽرمپ مخالف آمريڪا جي سياسي لابي ڪنهن حد تائين سنڀالي سگھي ٿي؟ اھو به ھڪ اھم سوال آھي ۽ ان سوال جي جواب لاءِ وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو. جڏھن ته ٽرمپ جي دماغ ۾ اھا ڳالھ منڍ کان وٺي واضح طرح سان ويٺل آھي ته ھو روس سان قبائلي قسم جي تڪرار جي ھر سوچ کي رد ڪري ٿو.

ڊونالڊ ٽرمپ ڪو دانشور يا ڪنهن به قسم جو نظرياتي سياستدان ناھي. ھو اڄ به پاڻ کي ھڪ بزنس مين سمجھي ۽ سڏائي ٿو. ھن ابتدا کان وٺي روس جي حوالي سان اھا سوچ پيش ڪئي آھي ته روس سان آمريڪا جو اختلاف صرف ۽ صرف ڪميونزم جي حوالي سان ھو. اسان سرمائيداريءَ جا حامي ھئاسين ۽ روس سوشلزم نافذ ڪرڻ جي چڪر ۾ ھو. ھاڻي جڏھن سوشلزم ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي آھي ۽ روس پاڻ به سرمائيدار ملڪ طور تي سڃاتو وڃي ٿو ته پوءِ روس سان پراڻي دشمني ھلائڻ جو آخر ڪھڙو منطق آھي؟

آمريڪا جي حوالي سان ٽرمپ جي ان دليل ۾ چڱو خاصو وزن آھي پر يورپ جو معاملو الڳ آھي. روس ۽ آمريڪا ۾ وڏو فاصلو آھي. جڏھن ته يورپي ملڪن ۽ روس جي سرزمين ته پاڻ سلھاڙيل آھي. يورپ جي ڪجھ نه پر اڪثر ملڪن کي اھو خدشو آھي ته روس چين جي تعاون سان طاقت جو توازن پنهنجي ھٿ ۾ ڪري يورپ ۾ ھڪ طرح جي ھيجمني (Hegemony)  يعني سياسي بلادستي قائم ڪري سگھي ٿو. خاص طور تي اھي ملڪ جيڪي سرد جنگ جي دوران سياسي مجبوريءَ سبب سوشلسٽ بڻيل ھئا، انهن کي وري روس جي ماتحت ٿيڻ جو ڊپ آھي. انهن ملڪ ۾ جرمني ته کڻي اھڙو خوف محسوس نه ٿو ڪري پر پولينڊ کي پريشاني ضرور آھي. جڏھن ته ٽرمپ سياسي طاقت جي اجائي شوبازي ڪرڻ بدران نئون مارڪيٽ ھٿ ڪرڻ ۽ وڌيڪ مال ميڙڻ جا خواب ڏسي رھيو آھي. ھڪ بزنس مين وانگر ھن پنهنجي ملڪ جا اھي خرچ ختم ڪرڻ جي ابتدا به ڪئي آھي، جيڪي يو ايس ايڊ جي حوالي سان صرف آمريڪا جي نيڪ ناميءَ جو سبب سمجھيا ويندا ھئا. ٽرمپ ھڪ شريوڊ بزنس مين آھي، ھن کي سکڻي سياسي ساراھ ۾ ڪا ڪشش نظر نه ٿي اچي. ھن کي صرف مال ۾ موھ آھي. اھوئي سبب آھي ته ھو يوڪرين ۾ آمريڪا جي موڙي دڦ ڪرڻ واري عمل جو مخالف آھي. ھو روس سان نوان گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ تيار آھي. ھڪ ڪامياب واپاريءَ وانگر ھو گذريل وقت جي واديءَ ۾ رھڻ نه ٿو چاھي.