اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وائيس ايڊمرل نويد اشرف کي پاڪ بحريه جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو، پاڪ بحريا جي ترجمان موجب وائس ايڊمرل نويد اشرف کي 7 آڪٽوبر2023ع تي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني ويندي ۽ تبديلي ڪمانڊ جي تقريب 7 آڪٽوبر 2023ع تي اسلام آباد  ۾ ٿيندي، ترجمان موجب وائس ايڊمرل نويد اشرف 1989ع  ۾پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ  ڪميشن حاصل ڪئي ،هو  ڪمانڊ  ۽ اسٽاف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو رکي ٿو، وائس ايڊمرل نويد اشرف هن وقت نيول هيڊڪوارٽر   چيف آف اسٽاف جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي، ترجمان موجب وائس ايڊمرل نويد اشرف هلال امتياز  ۽ تمغه بسالت جا اعزاز به حاصل ڪري چڪو آهي.