ٽنڊوباگو: وائلڊ لائيف کاتي ضلعي بدين جي انچارج خدا ڏنو شاھ رابطو ڪرڻ تي چيو ته اسان پکين جي شڪار جون گذريل سال جون سڀ پرمنٽون رد ڪري ڇڏيون آهن. بازن جي شڪارين جي ھڪ ڪيمپ تي ڏنڊ ھنيو آهي. اسٽاف ۽ گاڏيون گھٽ ھجڻ ۽ ٻيون سھولتون نه ملڻ ڪري سڄي ضلعي جي وڏي ايراضي تي پکڙيل علائقن ۾ ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل آهي. تنهن ھوندي به پکين جي شڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون.