وائرس جي جنگ يعني وائرس ذريعي وڙهڻ اڄ جي دور جو سڀ کان خطرناڪ ۽ خاموش هٿيار بڻجي چڪي آهي جتي اڳتي بم ۽ ميزائلن سان دشمن کي مارڻ جي ڪوشش ٿيندي هئي اتي هاڻ وائرس ذريعي بغير رت وهائڻ جي انسانن کي ختم ڪرڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي اھا جنگ سائنس جي ان شعبي سان تعلق رکي ٿي جتي وائرسن کي هٿيار طور تيار ڪيو ويندو آهي ته جيئن ڪنهن ملڪ جي ماڻهن تي حملو ڪري سگهجي
سائنس جي ترقي سان انسان وائرسن جو جينياتي نقشو پڙهي سگهي ٿو ۽ ان ۾ تبديليون آڻي سگهي ٿو جيڪڏهن ڪو سائنسدان وائرس جي ڍانچي ۾ اهڙي ترميم ڪري جنهن سان اهو وائرس وڌيڪ خطرناڪ يا تيزي سان پکڙجندڙ ٿي وڃي ته اهو هٿيار بڻجي ٿو مثال طور ڪو وائرس جيڪو فقط زڪام پيدا ڪندو هو ان کي تبديل ڪري اهڙو بڻائي سگهجي ٿو جو هو اندروني عضون تي اثر ڪري موت جو سبب بڻجي
اهڙن وائرسن ذريعي حملو ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا ٿي سگهن ٿا هوا ذريعي وائرس ڇڏڻ جيئن جهاز ذريعي شهر مٿان اسپري ڪيو وڃي پاڻي جي ذخيرن ۾ وائرس ملائي ڇڏڻ جيئن پوري شهر جو پاڻي متاثر ٿئي کاڌي جي شيء ذريعي وائرس کي پکڙائڻ جيئن سپر مارڪيٽ ۾ انفڪٽ ٿيل شيءِ رکڻ يا انسانن ذريعي وائرس کي منتقل ڪرڻ جيئن ڪنهن ماڻهو کي خاص وائرس سان متاثر ڪري ماڻهن ۾ موڪليو وڃي
تاريخ ۾ بايولاجيڪل هٿيارن جو استعمال اڳ به ٿيو آهي ويٽنام واري جنگ دوران آمريڪا موسم تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ وائرس ۽ ڪيميائي مواد جو استعمال ڪيو هو ان سان فصلون ساڙيون ويون ۽ ماڻهن جي صحت متاثر ٿي 2001 ۾ آمريڪا ۾ انتراڪس وائرس سان خط موڪليا ويا جن مان ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ ڪيترن ملڪن خدشو ظاهر ڪيو ته اهو قدرتي نه بلڪه ليبارٽري مان نڪتل وائرس هو
ايندڙ وقت ۾ اهڙا وائرس به تيار ٿي سگهن ٿا جيڪي مخصوص نسل تي اثر ڪن يا ڪنهن خاص عمر وارن کي نشانو بڻائن اهڙا وائرس به ممڪن آهن جيڪي جسماني نه پر ذهني طور تي اثر انداز ٿين يا جيڪي آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ڪنٽرول ٿين ۽ ڪنهن خاص وقت تي متحرڪ ٿين
وائرس ذريعي ٿيندڙ جنگ جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيندو ته ماڻهو بغير جنگ جي مري ويندا اسپتالون ڀرجي وينديون معيشت تباه ٿي ويندي تعليم بند ٿي ويندي ۽ قومن جي ترقي جو سفر پٺتي هٽي ويندو ان سان گڏوگڏ خوف جو ماحول به پيدا ٿيندو جيڪو ماڻهن کي ذهني بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو
اهڙي جنگ خاموش قاتل جيان آهي جنهن کي نه آواز آهي نه ڌماڪو پر نتيجو ايترو ئي تباه ڪندڙ آهي جيترو ايٽمي حملو جيڪڏهن انسان پنهنجن سائنسي وسيلن کي تباهي بدران سلامتي لاءِ استعمال نه ڪندو ته ايندڙ دور ۾ نه بم نه بندوق پر وائرس زمين کي اجاڙي ڇڏيندا اهو وقت آهي ته دنيا جي سائنسدانن ۽ حڪومتن کي گڏجي اهڙو قانون بڻائڻ گهرجي جيڪو حياتياتي هٿيارن جي تياري ۽ استعمال کي سختي سان روڪي ۽ انسانيت جي حفاظت ڪري
بايولاجيڪل وار تي ڪيتريون ئي فلمون آھن پر ھاڻي فلمون نه پر وائرس حقيقت بڻجي چڪا آھن انساني ڊي اين اي ۾ تبديلي ڪرڻ وارا تجربا اھو ٻڌائن ٿا ته ايندڙ وقت ۾ انسان کي زوميبز ڪرڻ ۾ گھڻو وقت نه لڳندو….. (فيس بوڪ تان ورتل)