اسلام آباد (بيورو رپورٽ) واءِ فاءِ ۽ وائرليس نيٽ ورڪس جي ذريعي حساس معلومات چوري ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، واءِ فاءِ رائوٽرز کي گهٽ محفوظ ڊوائس قرار ڏنو ويو آهي، ڪابينا ڊويزن سمورين وفاقي وزارتن، ڊويزنن، صوبائي حڪومتن کي خط لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته واءِ فاءِ نيٽورڪس کي سيڪيورٽي خطرا پيدا ٿي ويا آهن، واءِ فاءِ ذريعي حساس ۽ ڳجهي معلومات کي تحفظ ڏيڻ لاءِ خط جاري ڪيو ويو آهي، خط ۾ چيو ويو ته رائوٽرز اپڊيٽس ذريعي انٽرنيٽ ٽريفڪ کي غيرمحفوظ طرف موڙي سگهجي ٿو، واءِ فاءِ ذريعي نيٽورڪ ٽريفڪ ۾ سولائي سان مداخلت ٿي سگهي ٿي، خط ۾ صارفين کي واءِ فاءِ پاسورڊ پيچيده رکڻ جي سفارش ڪئي وئي، خط ۾ اهم معلومات بچائڻ لاءِ گيسٽ نيٽورڪ بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، واءِ فاءِ جو نالو ۽ آءِ ڊي ڳجهو رکڻ جي سفارش ڪئي وئي.