ھڱورجا( ن پ ا ) ھڱورجا يوٿ فورم ۽ ھڱورجا اسپورٽس سوسائٽي پاران ناليواري زميندار سرائي ڦوٽو خان ڀاڳت جي ياد ۾ نائيٽ والي بال ٽورنامينٽ ڪرايو ويو. سنڌ جي ڀلوڙ رانديگرن بھترين والين ۽ اسٽروڪن سان واھ واھ ڪرائي ڇڏي. ٽورنامينٽ ۾ خيرپور، نوشھروفيروز  ۽ دادو سميت مختلف شھرن جي ٽيمن حصو ورتو. جن مان حامد ٽڳڙ ۽ خليق سومرو جون ٽيمون فائينل ۾ پھتيون ٽاس ذريعي حامد ٽڳڙ جي ٽيم ڪاميابي ماڻي. ٽورنامينٽ دوران والي بال جا مقابلا سڄي رات جاري رھيا ۽ صبح ٿي وڃڻ سبب فائينل جو فيصلو ٽاس ذريعي ڪيو ويو.

پ پ جي سينيئر اڳواڻ حاجي شھداد خان ڀاڳت، ناليواري اديب ڄام محبت علي سھتو، غلام حسين چانگ، ڪائونسلر عزيز ميمڻ، ھڱورجا يوٿ فورم جي صدر جميل علي ڀٽو، فرحان سھتو، ھنڱورجا اسپورٽس سوسائٽي جي چيئرمين فرمان سھتو، زوار محبت سمون سميت ٻين انعام ورھايا. والي جي سينيئر رانديگرن محمد معروف سھتو، سيد منور شاهه، سعيد واٽيو سميت سوين شوقينن راند مان پرھ ڦٽيء تائين ڀرپور لطف حاصل ڪيو.