ھڱورجا (رپورٽ: عبدالجبار چانگ) ھڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني ۽ مغويءَ معصوم نينگر جي بازيابي لاءِ وارث ۽ سوين شھري روڊن تي نڪري آيا. سخي ناصر شاھ گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ، قومي شاھراھ تي ڌرڻو، ٻن ڏينهن اندر نينگر بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ قومي شاھراھ تي ڌرڻن ۽ مڪمل شٽر بند ھڙتال جو الٽيميٽم. تفصيل موجب ھڱورجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ موريل ڀٽو مان 8 ڏينھن اڳ گھر ٻاھران راند ڪندي مبينا طور اغوا ٿيل چئن سالن جي جعفر علي ولد محمد صادق ڀٽو جي بازيابي ۽ علائقي ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف ڀٽا برادري ۽ سول سوسائٽيءَ جا سوين ماڻھون روڊن تي نڪري آيا. مظاهرين پروفيسر ضمير حسين ڀٽو، موريل ڀٽو. شفيع محمد، محمد صادق ۽ رياض علي ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ سخي ناصر شاھ گيٽ کان پريس ڪلب تائين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ معصوم نينگر جا فوٽو کڻي احتجاجي مارچ بعد نٽھڻ اس ۾ قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي ويهي رهيا. هنن پوليس انتظاميا ۽ ضلعي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته 8 ڏينھن اڳ ڳوٺ موريل ڀٽو مان معصوم نينگر اغوا ڪيو ويو. ھڱورجا ٿاڻي تي اطلاع باوجود پوليس اڄ ڏينھن تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو. شهر توڙي آسپاس بدامني عروج تي پھتل آھي. ڪيترائي ڀيرا ٿاڻي ۽ ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون. پوليس نينگر جي بازيابيءَ لاءِ سکڻي آٿت ڏيڻ لاءِ به تيار ناھي. ھنن نينگر جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، ٻارڙي جي امڙ صدمي ۾بيحال ٿي چڪي آهي. ھنن الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينھن اندر نينگر کي بازياب نه ڪرايو ويو ته ھڱورجا شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال سان گڏ قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.