هڱورجا ڀرسان ملاکڙي جو بين الصوبائي دنگل: حنيف راهو ميدان ماري ورتو

0
47

هنڱورجا( ن پ ا) هنڱورجا ڀرسان صوفي بزرگ شهيد ڏاڏو خير محمد فقير جي سالياني عرس جي پڄاڻي تي بين الصوبائي ملاکڙو ڪرايو ويو. جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ملھ پهلوان حنيف راهو پنهنجي مخالف پهلوان اعجاز شيدي کي ٻئي ملهون دسي پهرئين پوزيشن حاصل ڪئي.

سيد اختر علي شاھه پنهنجي مخالف پهلوان ببر شير چنو کي دسي واھه واھه ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته جبار چنو نذير احمد شيخ کي ملھه دسي ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.ملاکڙي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پهلوانن کي ڪامريڊ ڪانڊيرو خان سهتو ،پ پ اڳواڻ ڪامريڊ خدا بخش سهتو محمد ابراهيم چانگ ۽ ٻين انعام ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا.