ھڱورجا (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي کانپوءِ ھڱورجا ۾ به سرگرميون تيز ٿي ويو آهن، ان حوالي سان  جسقم اڳواڻ مجيب آزاد ڀيلار پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت تي فخر آھي، 3 ڊسمبر تي جسقم طرفان پوري سنڌ ۾ ايڪتا ڏھاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي سان گڏ ملهائينداسين ۽ ريلي ڪڍنداسين، جسقم تعلقي اڳواڻ ڪرم سامٽيو چيو ته 3 ڊسمبر سنڌين جو قومي ڪاڄ آهي، سماجي اڳواڻ سجاد علي آرائين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو  ڀرپور نموني سان ملهائينداسين.