سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين  نوڪرين تي لڳل پابندي وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ درخواست گذارن کي آرڊر ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سکر 19 درخواست گذارن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي آرڊر ۾ چيو آهي ته حڪومت درخواست ڏيندڙن کي هڪ کان 4 گريڊ تائين جا آرڊر جاري ڪري اها مقرري نئين تصور ڪئي ويندي، جڏهن ته لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪجي ٿي ته اهي هن عدالت مان جاري ٿيل مختلف حڪمن تي عمل ڪن جنهن ۾ 18 سيپٽمبر تي جاري ڪيل حڪم به شامل آهي.  وڪيل جي دعوي آهي ته ڄاڻايل عدالتي فيصلي سان 50 هزار ڀرتين واري راهه هموار ٿي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذارن جي وڪيل رخسار جوڻيجو مطابق ايم ڪيو ايم اليڪشن کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نوڪرين تي پابندي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، اليڪشن گذرڻ باوجود سڄي سنڌ جي لاءِ نوڪرين تي پابندي لڳائي وئي هئي، سنڌ حڪومت 50 هزار کان وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو، درخواست گذارن جا زباني امتحان به ٿي ويا هئا پر آرڊر جاري نه ٿي سگهيا، گريڊ هڪ کان چار تائين ڪراچي هاءِ ڪورٽ سنگل بينچ اليڪشن جي ڪري روڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي ٻه رڪني بينچ درخواست گذار 19 اميدوارن کي آرڊر ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڪيل رخسار جوڻيجو موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي سان سنڌ اندر 50 هزار چوٿين گريڊ تائين جي نوڪرين لاءِ اميدوارن جي راهه هموار ٿي وئي آهي.