ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) عيدالاضحيٰجيموقعي تي هر گهر ۾ گوشت جون مزيدار ڊشز تيار ڪيون وينديون آهن ۽ هر ڪو دل کولي کاڌن مان لطف اندوز ٿيندو آهي پر ماهرن مناسب مقدار ۾ گوشت کائڻ جي صلاح ڏني آهي، ڇو ته گهڻو گوشت کائڻ سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.ماهرن جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ ڪنهن به انسان کي اڌ پاءُ کان هڪ پاءُ تائين گوشت کائڻ گهرجي نه ته توهان مختلف مرضن کي منهن ڏئي سگهو ٿا ۽ عيد جو مزو به خراب ٿي سگهي ٿو.ماهرن موجب قرباني جو گوشت احتياط سان کائڻ گهرجي، گوشت کي 20 ڏينهن کان وڌيڪ فرج ۾ نه رکو، ڇو ته هر هر فرج کولڻ سان گوشت جي تازگي ۽ عذائيت به متاثر ٿيندي آهي، جيڪا انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهي.طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته باربي ڪيو کان به پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته باربي ڪيو جو گوشت چڱي طرح ناهي پچندو، تنهن ڪري اهو تڪڙي هضم ناهي ٿي سگهندو.ماهرن جي اها به صلاح آهي ته کاڌن ۾ وڌيڪ مصالحن جو استعمال نه ڪيو وڃي، گوشت کي چڱي طرح صاف ڪجي ۽ چڱي ريت پچائڻ انتهائي ضروري آهي.