سڊني (انٽريسٽنگ نيوز) آسٽريليا ۾ موجود دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ وزني واڳون پنهنجي عمر پوري ڪري طبعي موت مري ويو، پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا جي هڪ وائلڊ لائف سينڪچري طرفان ٻڌايو ويو آهي ته عالمي رڪارڊ رکندڙ ان واڳون کي دنيا جو سڀ کان وڏو واڳون قرار ڏنو ويو هو، ميڊيا رپورٽس موجب اهو واڳون وائلڊ لائف سينڪچري ۾ موجود هيو، ان واڳون جو نالو ڪيسيئس رکيو ويو هيو، ان جي عمر 110 سال هئي، جڏهن ته اهو 18 فٽ ڊگهو هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ٽن کان به وڌيڪ وزني هيو، واڳن جي سار سنڀال ڪندڙ اداري ميرين لينڊ ميلانيزيا ڪروڪوڊائل هيبيٽيٽ فيس بڪ پوسٽ ۾ چيو ته 15 آڪٽوبر کان سندس صحت مسلسل ڪرندي پئي وڃي، ڇو ته اهو تمام ڪراڙو ٿي چڪو هيو ۽ سمجهيو پيو وڃي ته اهو جهنگلي واڳن جي سراسري عمر کان وڌيڪ زندگي گذاري چڪو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب ڪيسيئس نمڪين پاڻي جو واڳون هيو، جنهن دنيا جي سڀ کان وڏي واڳون طور گنيز ورلڊ رڪارڊ جو اعزاز حاصل ڪيو، ان اهو اعزاز 2013 ۾ فلپائن جي واڳون لولونگ جي موت بعد حاصل ڪيو، جنهن جي ڊيگهه 20 فٽ 3 انچ هئي.