ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) هونئن ته موجوده دور ۾ روبوٽس تي ڪافي گهڻو ڪم ڪيو پيو وڃي پر هڪ ڪمپني منفرد انسان جهڙا روبوٽس تيار ڪيا آهن، فگر نالي ڪمپني فگر 02 نالي انسان جهڙا روبوٽس تيار ڪيا آهن، جيڪي گڏجي گهر جا مختلف ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا يا ائين کڻي چئو ته اوهان انهن کي گهريلو ملازمن طور تي استعمال ڪري سگهو ٿا، روبوٽس جو گڏجي ڪم ڪرڻ جو عمل هيليڪس اي آءِ نالي ويزن لينگوئج ايڪشن ماڊل سان ممڪن ٿي سگهيو آهي، فگر 02 بنيادي طور روبوٽ دوست سمجهي سگهجن ٿا، جيڪي گڏجي ڪم ڪندا آهن، جيئن گڏجي فرج مان شيون کڻي ايندا آهن ۽ ڪچن ۾ وکريل سامان کي انهن جي درست جڳهه تي رکندا آهن، ڪمپني موجب اهي ٻئي گڏ هلي به سگهن ٿا، اوهان جيڪو حڪم ڏيندا، اهي روبوٽس ڪندا، ڪمپني ٻڌايو ته ٻنهي روبوٽس ۾ هڪ ئي نيورل نيٽ ورڪ موجود آهي، جنهن سبب اهي ٻئي هڪ جهڙي رويي جو مظاهرو ڪندا آهن، اهي روبوٽس ڪنهن فيڪٽري ۾ به ڪم ڪري سگهن ٿا، ڪمپني طرفان اهو ناهي ٻڌايو ويو ته روبوٽس جي ڪمن جي حد ڇا آهي، جڏهن ته اهو ضرور ٻڌايو ويو ته هيليڪس اي آءِ ماڊل جي مدد سان اهي روبوٽس مختلف قسم ۽ وزن وارين هزارين شين کي کڻي سگهن ٿا.