هڪ هٿ سان ڏئي ٻئي هٿ سان کسڻ

0
57
پيٽرول جا اگهه، حڪمران ڪنهن جي چوڻ ۾ آهن؟

جنهن هفتي مهانگائي جي شرح ٽي سيڪڙو واڌ سان  وڃي 38 سيڪڙو تائين پهتي هجي ان هفتي جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت رڳو 3 رپيا في لٽر گهٽائي وئي هجي ته ان کي حاتم طائي جي سخاوت کي لت هڻڻ ئي چئي سگهجي ٿو. هڪ طرف حڪومت رڳو 3 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽائي وري ڊيزل 9 رپيا في لٽر مهانگو به ڪري ڇڏيو ،جنهن کي هڪ هٿ سان  ڏئي ٻئي هٿ سان کسڻ چيو ويندو آهي. جنهن  جو به سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح عوام  تي ئي بار پوندو. ڳالهه صاف ظاهر آهي ته حڪومت ڪنهن به ريت ههڙين ڏکين حالتن  ۾ به عوام  کي ڪو رليف ڪا سهولت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هنن کي بس رڳو پنهنجو ڪاروهنوار هلائڻو آهي ۽ ڊپ اهو پيا ڏين ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري رهيو هو ڏکيا فيصلا ڪري اسان ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.

عجيب منطق آهي حڪومت جو ،هڪ طرف ٻوڏ ذري گهٽ  سڄي ملڪ  کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي،ماڻهو بک تي ويٺا آهن  ته حڪومت وري عوام کي ڏيڻ جي نالي تي ئي انهن کان کسي رهي آهي. پيٽروليم شين جا  اگهه جنهن  تيزي سان وڌايا ويا هئا جڏهن  عالمي  مارڪيٽ ۾ انهن جا اگهه گهٽجي ذري گهٽ ساڳي پوزيشن  تي اچي ويا هئا ته عوام کي اهو آسرو ٿيو هو ته جيڪڏهن وڌايل اگهه مڪمل نه ٿا گهٽايا وڃن ته  به گهٽ ۾ گهٽ انهن ۾ اڌ جيتري گهٽتائي ضرور ڪئي ويندي پر هتي ته حڪومت رڳو ٽي رپين  جو لالي پاپ ڏئي ڊيزل تي 9 رپيا وڌايا ويا آهن. ڪنهن  کي ٺڳڻ جي  حوالي سان هڪڙي چوڻي مشهور آهي ته “ڇيڻو ڏيکاري ڳڙ ڦرڻ” سو حڪومت به عام عوام سان اهو ئي ڪم ڪيو آهي. ڊيزل جو في لٽر جيڪو اگهه وڌايو ويو آهي اهو زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ هر شي ءَ جي اگهه ۾ واڌ ڪري ڇڏيندو ڇاڪاڻ ته وڏي ٽرانسپورٽ کان  وٺي ٽيوب ويلن تائين سڀني ۾ ڊيزل ئي استعمال ٿيندو آهي. اسان وٽ جيڪو بجلي جو حال آهي انهي ڪري اڪثر آبادگارن پنهنجون  ٻنيون ٽيوب ويل  ڊيزل يا سولر تي شفت ڪري ڇڏيون آهن،تنهن ڪري ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ سان انهي پوکي راهي جو خرچ به ٻيڻو ٿي ويندو جنهن سان وري سبزيون مهانگيون ٿينديون ۽جڏهن ٽرانسپورٽ ذريعي اهي سبزيون  مارڪيٽ پهچائڻيون هجن ته انهي ٽرانسپورٽ جا ڪرايا به ٻيڻا ٿي ويندا جيڪا ڊيزل تي هلي ٿي.

مطلب ته اهو بار به اول آخر وڃي انهي عام عوام جي کيسي تي ئي پوندو. جڏهن مهانگائي 38 سيڪڙو جي شرح تي وڃي پهتي هجي ته ان وقت ۾ حڪومت جو فرض ٿو ٿئي ته انهي مهانگائي جي ماريل عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري. حڪومت وٽ پنهنجي خساري کي گهٽائڻ لاءِ ٻيا کوڙ طريقا آهن اهي استعمال ڪري پيٽروليم جي شين جو اڃا به وڌيڪ اگهه گهٽائي سگهجي پيو جنهن سان عام  ماڻهو جي کيسي تي ٿورو بار گهٽائي سگهجي ها. جڏهن ته حڪومت وري عوام تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس مڙهي پنهنجو خسارو پورو ڪرڻ جو آسان طريقو استعمال ڪري رهي آهي جنهن سان هاڻي عام ماڻهو ته ٺهيو دڪاندار به احتجاج تي هليا ويا آهن جن جي مٿان سال ۾ 12 لک ڪمائيندڙ دڪاندار کان 36 هزار رپيا اوڳاڙي جو حدف رکيو ويو آهي. جتي حڪومتون عوام يا ڪاروباري ماڻهن کي ٽيڪسن ۾ سهولتون ڏينديون آهن ته وڌ کان وڌ ٽيڪس حاصل ڪيو ويندو آهي پر جڏهن ٽيڪسن جو بار وڌندو آهي ته عام ماڻهو يا ڪاروباري ماڻهو ٻيا طريقا ڳولي ٽيڪس چوري ڪرڻ شروع ڪندا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته پيٽرول جي اگهن ۾ ڪيل گهٽتائي بلڪل مناسب ناهي، مهانگائي جي حساب سان ان کي اڃا به وڌيڪ گهٽائڻ گهرجي ۽ ٻيو ته ٽيڪس جي حوالي سان اهڙا قدم کنيا وڃن جو ڪو به شهري ٽيڪس چوري بدران پاڻمرادو ٽيڪس جمع ڪرائڻ کي ترجيح ڏئي ايئن ئي جيڪڏهن بجلي جا اگهه گهٽايا ويندا ته بجلي چوري گهٽجي ويندي ۽ حڪومتي خزاني  ۾ وڌ ۾ وڌ پئسا جمع ٿيندا.