هڪ هزار شڪي گرفتار ٿيا پر پوءِ به پريا جو پتو نه پيو

0
209
هڪ هزار شڪي گرفتار ٿيا پر پوءِ به پريا جو پتو نه پيو
هڪ هزار شڪي گرفتار ٿيا پر پوءِ به پريا جو پتو نه پيو

سکر ۾ هندو برادري نگران وڏي وزير آڏو پريا ڪماري بازياب نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون آهن

وڏي وزير پاران ايس ايس پي سکر کي هر صورت ۾ پريا ڪماري بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

سکر ۾ هندو، ڪرسچن ۽ سک برادري جي وفد پاران سرڪٽ هائوس سکر ۾ نگران وڏي وزير سان ملاقات ڪئي وئي

هندو برادري جي شڪايت تي ايس ايس پي سکر وڏي وزير کي ٻڌايو ته پريا ڪماري جي ڪيس ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي

 وڏي وزير چيو ته پريا ڪماري کي جلد بزياب ڪرايو وڃي، اقليتن سان ڪابه زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي

مسيحي اسڪولن، چرچ جا مسئلا حل ڪري گردواري جي ڀرپاسي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي