اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جو کنڊ جي اگهن بابت ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم کنڊ جي اگهن جي معاملي تي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ شگر ملن جي مالڪن جي خدشن ۽ قيمتن تي ڪنٽرول بابت باقاعده قدمن جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته کنڊ جا اگهه بار بار وڌي رهيا آهن. قيمتن جو جائزو وٺڻ لاءِ راڻا تنوير حسين جي سربراهي ۾ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هڪ مهيني تائين کنڊ جي قيمت 159 رپيا ايڪس مل هوندي. کنڊ جي ريٽيل قيمت 164 رپيا في ڪلو هوندي. 274 سستي بازارن ۾ کنڊ 130 رپيا في وڪرو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ کنڊ جي ڪا به کوٽ ناهي. ملز مالڪان وقت تي ڪرشنگ سيزن شروع ڪندا. ايندڙ سال پهرين نومبر کان ڪرشنگ سيزن شروع ٿيندو، خلاف ورزي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.