ڪراچي ( شوبز نيوز ) سينيئر اداڪارا ناديا جميل انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور ترين هدايتڪار هراساني جو نشانو بڻايو

پنهنجي بيان ۾ اداڪارا چيو ته ماضيءَ ۾ جنهن هدايتڪار کيس هراسان ڪيو بعد ۾ ان سان ڪم جي آڇ ٿي جيڪا مون رد ڪري ڇڏي

هن چيوته سينيئر اداڪار نعمان اعجاز اِها آڇ ڪئي ۽ جڏهن مون هدايتڪار جو نالو پڇيو ته خبر پئي اِهو ئي شخص ڊرامو ڊائريڪٽ ڪندو جنهن ماضيءَ ۾ هراسان ڪيو، مون نالو ٻڌندي کي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

سوچيندي آهيان ته اِهو هدايتڪار اڃا تائين انڊسٽري جو حصو آهي، جنهن نه ڄاڻ الائي ڪيتري معصوم ڇوڪرين کي هراسان ڪيو هوندو

مون کي هدايتڪار جو نالو کڻڻ گهرجي ها پر مون سندس نالو ناهي کنيو، نالو کڻڻ کان نٿي ڊڄان پر جوان پُٽن جي ڪري چپ آهيان ڇو ته هو جذباتي آهن