واشنگٽن (م ڊ) ايران جي پاسداران انقلاب جو قيام 1979 ۾ ايراني انقلاب کانپوءِ نئين اسلامي نظام جي دفاع لاءِ عمل ۾ آندو ويو جنهن کانپوءِ اهو گروپ هڪ متبادل فوجي قوت طور تي ايران جي باقاعده فوج طور تي ڪم ڪري ٿو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايراني پاسداران انقلاب گروپ وٽ هڪ لک 90 هزار گارڊز ۽ 6 لک 10 هزار فعال فوجي آهن. هي گروپ ايران جي بيلسٽڪ ميزائل ۽ ايٽمي پروگرامن جو نگران آهي. گڏوگڏ ايران ۾ اندروني سلامتي جا به ذميوار آهن. ايران جو پاسداران انقلاب ايراني حڪومت يا صدر بدران ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي جوابده آهي. وقت گذرڻ سان گڏ هن تنظيم جو ايران جي سياست ۽ معيشت ۾ اثر وڌندو ويو. اڄ اهو گروپ اتحادي حڪومتن ۽ پراڪسي گروپن کي رقم، هٿيار، تربيت مشاورت ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪري ٿو، هي تنظيم ايران کان ٻاهر حماس ۽ حزب الله جهڙن هٿياربند گروپس سان لاڳاپا قائم رکندڙ قدس فورس نالي يونٽ جي قيادت به ڪري ٿي. 2000ع جي ڏهاڪي کانپوءِ عراق ۽ شام ۾ ٿيندڙ جنگن سبب هن گروپ جي طاقت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. پر شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي ايران سميت ان گروپ جي طاقت کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو. تازو اسرائيلي حملن ان گروپ جي اعليٰ قيادت کي شهيد ڪري ان تنظيم کي شديد ڌڪ رسايو آهي.