ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) جسقم آريسر پاران سکر کان ڪراچي ڏانهن پيادل نڪتل قافلو سيري کانپوءِ ٽنڊو محمد خان پهتو، جتي گلن جي ورکا سان شاندار آجيان ڪئي وئي. مارچ پريس ڪلب آڏو ڦليلي روڊ تي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو، انهي موقعي تي جلسي عام کي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل نوتڪاڻي، وحيد سنڌي، امير باغي، ڪرن نظاماڻي، نصيبان ڀٽو، سنڌي ادبي سنگت جي اعظم ڀٽي، تاريخدان مشڪور ڦلڪارو، سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر جي ايم گل، جيئي سنڌ محاذ جي پنهل جمالي، جسقم (نياز ڪالاڻي جي) جاويد هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ واري سازش سنڌ دشمن منصوبي تحت رٿي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي زراعت کي تباھه ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي عوام کي ڪراچي کان ڪشمور تائين پيئڻ جي پاڻي لاءِ محتاج ڪرڻ جو اهڙو منصوبو آهي، جنهن ۾ عوام ڦڙي ڦڙي جي پاڻي لاءِ پريشان رهندو، سنڌو درياءَ تي صرف سنڌ جو حق آهي جنهن ۾ هڪ صوبي پنهنجا درياءَ وڪڻي هاڻي سنڌو درياءَ تي قبضو ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ سنڌ جا ٻيٽ، سمنڊ ، درياءَ سنڌ کان کسيا وڃن پيا، معدني پيداواري وسيلن جي نيلامي ڪئي وڃي پئي ، جنهن ۾ غيرملڪي ڪمپنين کي ٺيڪا ڏئي ان جي رائلٽي وارو حق سنڌ کان کسيو وڃي پيو ، سنڌ ۾ بيروزگاري بدحالي واري لهر سنڌ جي عوام کان جياپي جو حق کسي ورتو آهي، لکين تعليم يافته نوجوان بيروزگاري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، پر کين روزگار جو موقعو فراهم نه ڪيو وڃي ٿو ، سنڌ جا قومي ڪارڪن سکر کان پيادل مارچ ڪري سنڌ جي ڪيس کي سنڌ جي گاڌي واري هنڌ ڪراچي پهچي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڪا به رڪاوٽ قبول نه ڪنداسين ، قومي ڪارڪنن کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ وارو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي وحدت کي نقصان رسائڻ واري هر سازش ناڪام بڻائينداسين ، پيادل مارچ قافلو پنهنجي منزل ڏانهن اڳتي وڌي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي پهچندو جنهن کانپوءِ احتجاج جو دائرو ايوانن تائين وڌايو ويندو ، پيادل قافلو اڄ ٽنڊو محمد خان رات ترسڻ کانپوءِ اڳتي روانو ٿيندو.