لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) آثار قديمه جي ماهرن مصر ۾ هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي بعد پهريون ڀيرو هڪ فرعون جو مقبرو دريافت ڪيو آهي، برطانيه سان تعلق رکندڙ ماهر آثار قديمه پيئرس لٿرلينڊ پنهنجي ٽيم سان گڏ اهو مقبرو دريافت ڪيو، اهي مصر جي وادي ملوڪ (بادشاهن جي وادي) ۾ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان تحقيق جو ڪم ڪري رهيا آهن، ان ڪم دوران انهن هڪ چيمبر جي ڇت کي ڏٺو، جنهن کي نيري رنگ سان پيٽ ڪيل هو، جڏهن ته ان تي پيلا ستارا بڻيل هئا، ان ڇت بعد انهن هڪ ڏاڪڻ دريافت ڪئي، جيڪا مقبري طرف وٺي وڃي پئي، وڌيڪ جاچ پڙتال سان ثابت ٿيو ته اهو فرعون تحتمس ٻه جو مقبرو آهي، ان فرعون مصر تي 1493 کان 1479 قبل مسيح تائين حڪومت ڪئي هئي،  ماهرن کي فرعون جي مقبري واري حصي تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳا، ڇو ته انهن کي ڪافي ملبو صاف ڪرڻو پيو، پهرين ڊاڪٽر پيئرس لٿرلينڊ جو خيال هو ته اهو مقبرو ڪنهن فرعون جي زال جو آهي، پر انهن تدفين واري هنڌ جي ڇت کي ڏٺو، جنهن کي اهڙن منظرن سان سينگاريو ويو هو، جيڪي بادشاهن لاءِ استعمال ٿيندا هئا، پوءِ خبر پئي ته اهو ڪنهن فرعون جو مقبرو آهي، ماهرن موجب اهو 1922ع ۾ فرعون توتخ آمن جي مقبري جي دريافت بعد هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي بعد سڀ کان اهم ترين دريافت آهي، پيئرس لٿرلينڊ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته مقبري ۾ نوادرات موجود ناهن جڏهن اسان ڪم شروع ڪيو ته اتي پاڻي وهڻ شروع ٿي ويو، ڇو ته ان کي هڪ آبشار هيٺان تعمير ڪيو ويو هو، فرعون جي باقيات کي هڪ ٻي راهداري کان ٻاهر آندو ويو، پيئرس لٿرلينڊ موجب اسان کي ڪيترائي ٽن وزني ملبي کي منتقل ڪرڻو پيو ۽ پوءِ هڪ اڇي مرمر جي پٿر جا ذرا مليا، جن تي تحتمس ٻه جو نالو لکيل هو، ان مقبري جي دريافت گڏيل طور تي برطانيه جي نيو ڪنگڊم ريسرچ فائونڊيشن ۽ مصري وزارت سياحت ۽ اينٽڪس گڏيل طور تي هڪ پراجيڪٽ تحت ڪئي.