سيراڻي: سيراڻي شهر ۾ انگريزن جي دور 1917ع جي ٺهيل پوليس پوسٽ سيراڻي جي گذريل سال 1999ع، 2003، 2010ع جي برساتن،مهاٻوڏن،سامونڊي طوفان سبب پوسٽ جي عمارت زبون حالي جو شڪار بڻجي وئي آهي عمارت جي ديوار کي هنڌا هنڌا وڏار پئجي ويا آهن 2011ع جي برساتن سبب پوسٽ جي عمارت جي ڇت ڌماڪي سان ڊهي پئي جنهن کان پوءِ پوسٽ جي عملي پاران شهرين کان چندو ڪري ڪچي ڇت ٺهرائي آهي جيڪا هاڻ زبون ٿي وئي آهي سيراڻي پوليس پوسٽ جي بلڊينگ ۾ لاڪ اپ نه هئڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا جوابدار ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، برسات دوران پوسٽ تي رهندڙ عملو پوسٽ اڳيان بيٺل وڻن هيٺيان پناھ وٺن ٿا سامونڊي پٽي جي 36 کان مٿي ديهن تي مشتمل تہ پوليس پوسٽ اڃان تائين اپگريڊ ٿي نه سگهي آهي بلڊينگ نه هئڻ ڪري هتي جوابدار نه ٿو رکي سگهجي سيراڻي شهر ۾ ٿاڻو هئڻ ڪري هتان جا رهواسي ايف آء آر ڪرائڻ خاطر بدين جا چڪر ڪاٽين ٿا هتان جي شهرين جو آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي سيراڻي پوليس پوسٽ کي اپگريڊ ڪري ٿاڻي جو درجو ڏنو وڃي ۽ بلڊينگ جو رپيرنگ ڪم ڪرائي ڏنو وڃي.