اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدالت ٻين ادارن جو ڪم ڪرڻ بجاءِ انهن کي فعال ڪرڻ چاهي ٿي، آئين تي عملدرآمد لاءِ عدالت هر اداري تي نظر رکي سگهي ٿي. نيب قانون ۾ ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اخبارن ۾ خبرون آيون آهن ته تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ واپس وڃي رهي آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پارليامينٽ واپس وڃي ٿي ته ڇا حڪومت ان سان گڏجي ويهندي، ڇا عدالت نيب ترميمن جو معاملو واپس پارليامينٽ موڪلي؟ صرف ايترو چئجي ته ترميمون ماضي کان لاڳو نه ٿينديون ته 90 سيڪڙو ڪيس ختم ٿي ويندا. وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ته پارليامينٽ وڃي نيب قانون جو ترميمي بل پيش ڪري سگهي ٿي، سياست بنا جمهوريت جو ڪو تصور ناهي. جسٽس اعجاز الاحسن ڇيو ته ڇا ڪو مثال موجود آهي ته اسيمبلي ميمبرن پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي هجي ؟ چيف جسٽس چيو ته عمران خان جي درخواست ۾ اثرائتيون حقيقتون نه هيون پر روز اهي سامهون اچي رهيون آهن، ترميمن کانپوءِ ڪيس واپس ٿي رهيا آهن، بدقسمتي سان عوام جو پئسو ڪيئن غائب ڪيو ويو، رپورٽ موجب 70ع جي ڏهائي ۾ پاڪستان چين کي قرض ڏيندو هو، پي آءِ اي دنيا جي بهترين ايئر لائن هئي، هاڻي سڀ ماڻهو مفاد پرست ٿي چڪا آهن. چيف جسٽس چيو ته نيب ترميمن جي فيصلي سان ملڪ ۾ قانون تي عملدرآمد متاثر ٿي رهيو آهي، چاهيون ٿا ته ڪيس مڪمل ٿئي، قانوني نظام بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدليه تي به نظر رکڻي پوندي، سپريم ڪورٽ اهڙي ماڻهو جو ڪيس ڇو ٿي ٻڌي جيڪو پارليامينٽ کان ٻاهر آهي؟ عمران پارليامينٽ جي بحث جو حصو نٿو ٿيڻ چاهي نه ئي ان جي فيصلن کي مڃي ٿو، عدالت ڇو اهڙي شخص جو فيصلو ڪري جيڪو پاڻ پارليامينٽ جو حصو ٿيڻ نٿو چاهي؟ هڪ شخص جي فيصلن جي ڪري پورو نظام منجمد ٿي رهيو آهي.