ڇا ڪنهن هڪ سچ جا ٻه پاسا ٿي سگهن ٿا؟ هڪڙو سچ جيڪو توهان کي نظر ايندو هجي ۽ ٻيو جيڪو ڪنهن ٻئي کي نظر ايندو هجي؟ ڇا چنڊ مان روشني پيدا ٿيندي آهي؟ ۽ تارا پڻ روشن آهن؟ يقينن جڏهن اوهان رات جي وقت چنڊ ۽ تارن کي آسمان ۾ ڏسو ٿا ته اهي روشن نظر اچن ٿا اهو پڻ سچ آهي، پر اها روشني انهي چنڊ مان ڪونه ٿي نڪري اهو هڪ مڃيل سچ آهي ۽ اها حقيقت آهي. سچ اهو به آهي ته سج جي روشني انهي چنڊ تي جڏهن پوي ٿي ته اسان کي چنڊ روشن نظر اچڻ لڳي ٿو ۽ جڏهن ڏينهن جي وقت سج جي روشني سڌي ريت ڌرتي تي پوي ٿي ته اسان کي چنڊ روشن نه ٿو لڳي. اهو آفاقي سچ آهي جنهن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. اهڙي ريت سچ زمان ۽ مڪان سان به لاڳاپيل هجي ٿو. مثال طور اسان جنهن ڌرتي جي حصي تي رهون ٿا اتي اڪثر طور ڏينهن ۽ رات ڪجهه ڪلاڪن جي تفاوت سان هڪ جيترا هجن ٿا جنهن ڪري اسان چوندا آهيون ته سج روز اڀري ۽ لهي ٿو. جڏهن ته ڪجهه ڌرتي جي گولي تي ملڪ اهڙا به آهن جتي 24 ڪلاڪ سج جي روشني موجود هوندي آهي. مطلب ته اتي روز سج اڀري ۽ لهي ڪونه ٿو ڇاڪاڻ جو روز مان اسان جي مراد 24 ڪلاڪن جي وقت جو سفر هجي ٿو.
انهي بحث ۾ پوڻ بعد اسان کي معلوم ڪرڻو پوندو ته سچ ڇا آهي ۽ حقيقت ڇا آهي.؟ڇا سچ ۽ حقيقت ٻه الڳ الڳ ڪي شيون آهن يا ساڳي شيءَ آهن؟ جيڪا شيءَ ڪائنات ۾ وجود رکي ٿي اها حقيقت آهي، پر اها جيئن اوهان کي نظر اچي ٿي اهو اوهان جو سچ آهي. اهو اوهان جو سچ ڪڏهن به تبديل ٿي سگهي ٿو، پر حقيقت ڪڏهن به تبديل ڪونه ٿيندي آهي، سچ وقتي به ٿي سگهي ٿو، پر حقيقت لافاني هوندي آهي. جهڙي طرح ميلي ۾ رکيل آرسين ۾ ڏسڻ سان اوهان جي شڪل جا مختلف روپ نظر اچي سگهندا آهن اهو پڻ هڪ سچ آهي، پر اوهان جي صورت اصل جيڪا آهي اهاآرسي ۾ نظر اچڻ واري نه آهي اها هڪ حقيقت آهي. اهڙي ئي بحث ۾ ويندي مان اڪثر طور محسوس ڪندو آهيان ته ڪيترا ئي اسان جا پڙهيل لکيل دانشور سڏجندڙ دوست جڏهن پنهنجي ڪنهن سوچ جو اظهار ڪندا آهن ته اهي انهي کي آفاقي سچ سمجهندي انهي کي ئي حقيقت سمجهندا آهن ۽ پو جي ٻيو ڪير انهي جي رد ۾ پنهنجي راءِ ڏيندو آهي ته انهي خلاف اٿي کڙا ٿيندا آهن ته اوهان کي پنهنجي اختلاف راءِ رکڻ جو حق آهي، پر اوهان منهنجي سوچ خيال يا راءِ جي ابتڙ ڇو لکيو! تاريخ ۾ ڪير جيڪڏهن ڪنهن جو هيرو آهي ڇا اهو ممڪن نه آهي ته اهو فرد ٻئي ڪنهن لاءِ ولين هجي؟ اسان اڄ ڏينهن تائين روڊن تي هر وقت ڪا نه ڪا ٽرڪ ڏسندا آهيون جنهن جي پٺيان جنرل ايوب خان جي با وردي تصوير ٺهيل هوندي آهي ۽ اهو ڪڏهن ڪڏهن اهو به لکيل هوندو آهي ته ”تيري جاني ڪي بعد تيري ياد آئي“ اهو جنرل ايوب خان جنهن جي خلاف انهي دور ۾ تحريڪ هلي کيس ملڪ جو هڪ وڏو حصو هڪ آمر طور ياد ڪري ٿو، اهو ساڳيو فرد انهي پنهنجي هزارا ۽ پوٺوهار جي علائقن جي ماڻهن لاءِ هيرو آهي. جن ماڻهن انهي جي دور ۾ خوشحالي ڏٺي هوندي انهن کي روزگار مليو هوندو ته اهي ايوب خان کي پنهنجي لاءِ بهتر سمجهن ٿا ۽ اهو سچ لاڳاپيل يا وابستا سچ ٿي وڃي ٿو انهن چند فردن يا علائقن جي ماڻهن سان جن کي انهي مان فائدو پهتو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته جنرل ايوب هڪ آمر هو هن جي آمريتي دور ۾ جمهوريت جي تڏا ويڙهه ٿي، انساني حقن جي پائمالي ٿي سياسي شعور کي قيد ڪيو ويو انهي کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهو تاريخ جو سچ آهي جيڪا هڪ ڪڙي حقيقت آهي.
انهي ايوب جي مثال کان پوءِ شايد آءُ پنهنجي اصل ڳالهه تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان ته اڄ سنڌ جي موجوده حڪمران جماعت جنهن سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ تي هر وقت، سندن خالق جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي دور کان، پئي بار بار حڪومت ڪئي آهي انهيءِ سنڌ جي تباهي ڪونه ڪئي آهي ڇا؟ 1973ع جي آئين کي اڄ ڪير ڪيترو به بهتر سمجهي، پر ڇا انهي ئي آئين جي شقن ۾ پاڪستان جي مضبوط مرڪزيت ۽ قومي وحدتن کي ڪمزور ڪرڻ واري جوڙجڪ ڏنل ڪونهي؟! انهي بعد ارڙهين ترميم جي ڪري سنڌ کي جيڪو به ناڻو ملي رهيو آهي ڇا انهي ۾ ڪرپشن جو تمام وڏو عمل دخل ڪونهي. سنڌ جي موجوده سرڪار سنڌ جي زمين ۽ وسيلن جي آئيني طور مالڪي ڪرڻ ۾ ڇا ناڪام ڪونه وئي آهي؟ ڇا 2007ع بعد سنڌ جي پيداواري وسيلن ۾ تمام تيزي سان گهٽتائي ڪونه آئي آهي؟ سنڌ جي تعليم تباهه ڪونه ٿي آهي؟ سنڌ جي صحت کاتي جي تباهي ڪونه ٿي آهي؟ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي مڪمل تباهي ڪونه ٿي آهي؟ ڪهڙن ڪهڙن کاتن جا نالا لکون جنهن جو نالو کڻندا انهي ۾ تباهي ئي تباهي نظر ايندي. جڏهن انهي ايتري تباهي جي ذميواري موجوده سرڪار تي پوي ٿي ته ڇا پوءِ سنڌ جو شعور انهي سچ کي ڳائيندو جنهن سان چند فردن جي خوشحالي ممڪن بڻي آهي يا اڪثريت طور جيڪا تباهي ٿي آهي انهي جي لاءِ پنهنجي علم ۽ دانش کي استعمال ڪندا؟
سچ پڇو منهنجي نظر ۾ سنڌ جو جيڪو به دانشور سڏجندڙ جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي جڏهن واکاڻ ڪندو آهي ته مونکي اهو هزارا جي انهي ٽرڪ جو مالڪ لڳندو آهي جنهن جي ٽرڪ تي جنرل ايوب خان جو باوردي فوٽو ڇاپيل هوندو آهي ۽ پوءِ اهو سمجهڻ آسان ٿي پوندو آهي ته انهي دانشور جو سچ سندس خوشحالي آهي، انهي ڪري ان جو ڪو به ڏوهه ڪونهي. سنڌ جي اندر اڄڪلهه اهڙيون دانشوري ٽرڪون جام ٿي پيون آهن جن جي پويان پيپلز پارٽي جو جهنڊو يا انهي جي قيادت جو فوٽو ڇاپيل هوندو آهي. اهو انهن جو سچ آهي ته انهن کي سنڌ جي اندر ٻيو ڪو به الٽرنيٽ نظر ڪونه ٿو اچي ۽ انهي سچ جي پٺيان هلندا رهن ٿا، پر حقيقت اها آهي سنڌ جي معاشي تباهي جو سبب بڻيل انهي جماعت مان جيسين سنڌ جو عوام ڇوٽڪارو حاصل ڪونه ڪندو تيسين سنڌ جي خوشحالي ممڪن ڪونهي. جيڪي دانشور چوندا وتن ٿا ته سنڌ ۾ ٻيو ڪو الٽرنيٽ ڪونهي اهي رڳو پنهنجو مفاد انهي سرڪار سان ختم ڪري سنڌ جي قومي مفادن کي ترجيح تي رکن ته سنڌ اندر بهترين الٽرنيٽ پيدا ٿي پوندو. سماج ۾ الٽرنيٽ پاڻ ڪونه پيدا ٿيندا آهن انهي جي پيدا ڪرڻ ۾ اهل علم ۽ دانش جو ڪردار هوندو آهي، پر جڏهن سنڌ جو دانشور سڏجندڙ ۽ دعوا ڪندڙ پاڻ انهي سرڪا ر جي مراعتن تي گذارو ڪندو هجي ته پو اهو نئون دڳ سماج جي باقي اٻوجهن کي ڪير ڏيکاريندو. سو سچ اهو آهي ته سنڌ جو اڪثر درٻاري دانشور پنهنجي مفاد تي قومي مفادن کي قربان ڪري ويٺو آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح موجوده سرڪار جي ساٿ ۾ ميلن جي شڪل ۾ يا محفلن جي شڪل ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي رهيو آهي جنهن ڏينهن انهن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکڻ جي قيمت ملڻ بند ٿي انهي ڏينهن اهي سڀ نئين سچ جي ساڃاهه ڏيڻ شروع ڪندا، پر يقين رکجو اهو نئون سچ وري به انهن جي پنهنجي مفاد وارو سچ هوندو قومي مفاد وارو نه هوندو.