اسلام آباد: اپوزيشن جي ڪانفرنس ۾ سنڌ جو پاڻي جو مسئلو ۽ ڪئنالن جو معاملو به اٿاريو ويو، سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه چيو ته هڪ درياءَ جو پاڻي نه پي سگهون ته پوءِ گڏ رهڻ جو ڪهڙو جواز هوندو؟ سنڌ جا ايندڙ نسل پوءِ اسلام آباد ڏانهن نه ڏسندا، ڪي نوان رستا ڳوليندا، اسلام آباد ۾ اپوزيشن جي قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي زين شاهه چيو آهي ته سنڌ هن وقت پاڻيءَ جي 25 سيڪڙو کوٽ ڀوڳي رهي آهي، ڪينالن سبب پاڻي کوٽ 80 سيڪڙو ٿيندي ۽ ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿي ويندا، هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ آئين ڪونهي، سياستدانن جي نالي تي نوان اداڪار آندا وڃن ٿا، 80 واري ڏهاڪي ۾ چوندا هئاسين ته جمهوريت خور شينهن جمهوريت ئي کائيندو. سلمان اڪرم چيو آهي ته سي سي آءِ ۾ ويهي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، پاڻي معاهدي تي عمل ٿيڻ گهرجي، ٻين صوبن جو احساس هجڻ گهرجي، ڪنهن هڪ صوبي جي هڪ هٽي نه هجي، پنجاب ۾ جيترا وڻي ڪئنال ڪڍون، اوهان جي اهڙي مرضي نه هلندي، ايئن ملڪ ناهن هلندا، هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪا ڪاوڙ آهي اها اسان پاڻ ڏسي آيا آهيون.