ڇا توھان ويساھ ڪندئو ته منھنجي جنم ڀومي خيرپور شھر جي اوڀر ۾ ھڪ اھڙو ننڍڙو ڳوٺڙو “پنواڙيءَ” جي نالي سان موجود آھي، جتي پھچڻ لاءِ خيرپور جي سياستدانن ڪو موچارو چارو يا رستو به ڪونه ٺھرائي ڏنو آھي، ھڪ سِم ناليءَ مٿان رکيل کجيءَ جي بنڊ تان ٽپي اسان جڏھن ان ڳوٺ ۾ داخل ٿيا ھئاسين ته خيرپور جي اصلي ۽ نسلي سياستدانن کي ست سُريون ٻڌايون ھيوسين. انھن خيرپوري سياسي پيرن جي ان ڳوٺ تي ان ڪري به نظرِڪرم ڪانه ھوندي آھي، جو ان ڳوٺ مان ھر دفعي ھڪ نوجوان خيرپور جي انھن پيرن خلاف ايم پي اي جي سيٽ تي مقابلي لاءِ ضرور کڙو ٿيندو آھي. گذريل سال اسان جو محبوب ساٿي ڪامريڊ اميرگل ڪٽوھر ان سيٽ تي کڙو ٿيو ھو ۽ مجبورن خيرپور جي جيلانين کي ان سيٽ لاءِ واھڙ جيان پئسا ورھائڻا پئجي ويا ھئا ۽ ايئن ھڪ مربوط ورچوئل ڌانڌليءَ سان اسان جي ڪامريڊ اميرگُلَ کي ھارايو ويو ھو. ان سڄي گيم ۾ خيرپور جي مشھورِ زمانه پارليامنٽيرين “ادِي ننڍي جيلاني” پيش پيش رھي. جھڙي طرح اسان جي امر پيرزادي جي ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ کي ‘لِٽل ماسڪو’ چيو ويندو آھي، ايئن پنواڙيءَ جي حيثيت به منفرد چئي سگھجي ٿي، جو ھتي سائين اميرگل جي ڏاڏي سائينءَ کان شعور جي جيڪا مشعل ھڪ ننڍڙي ۽ ڪچائين گھر ۾ ٻاري وئي ھئي، اھا اڄ ھر گھر جي اڱڻ ۾ ٻري رھي آھي. ان ڳوٺ جي نوجوانن ڪمال جذبي سان ڌوڙ ڌڌڙ واري ماحول مان اٿي ڪري جدوجھد ڪئي ۽ اڄ ان ڳوٺ جا لڳ ڀڳ اڌ کان مٿي نوجوان پوري دنيا جي يونيورسٽين ۾اسڪالرشپس ڪليئر ڪري ڊاڪٽوريٽس جون ڊگريون وٺي رھيا آھن. تازو تازو، ھن ئي ھفتي اسان جي سرفروش دوست ۽ بي انتھا پرخلوص ڪامريڊ فيض علي ڪٽوھر جو پٽُ نويد علي ڪٽوھر اٽليءَ جي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ھڪ سھڻي فنڪشن ۾ تاڙين جي گونج ۾ ورتي آھي.
ان ئي ڳوٺ جو ھڪ ٻيو نوجوان، جنھن سوشل ڊيولپمينٽ جي شعبي ۾ دنيا جي مڃيل ادارن کان تربيت حاصل ڪئي ۽ ان جو تعلق به ان ئي پنواڙي ڳوٺ سان آھي، جنھن ڳوٺ لاءِ مٿي لکي آيو آھيان ته خيرپور جي ضلعي واري شھر جي ويجھو ھوندي به اھو ڳوٺ ترقياتي ڪم نه ملڻ ڪري اڻويھين صديءَ جي ڪنھن پراچين ڳوٺ جھڙو ڏيک ڏيندو آھي. ان ڳوٺ ۾ اسان جي سائين اميرگل جو ڪھول ھڪ اھڙي گلدستي جيان آھي، جنھن ۾ مختلف خوشبوئن وارا گل پنھنجي پنھنجي خوشبو ڏئي رھيا آھن. سائين گل جو وڏو پُٽ گل بھار جڏھن اڃان گل نه ٿيو ھو ۽ بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد ڪجھ وقت نوڪريءَ لاءِ پريشان رھيو ھو پر پوءِ سُتت ئي بيگم صهبا پرويز مشرف جي ڪوششن سان جوڙيل اداري نيشنل ڪميشن فار ھيومن ڊيولپمينٽ ۾ ماسٽرس ٽرينر طور تي پنھنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي ھئائين. اڄ مان جڏھن ان نوجوان گل بھار جي سي وي ڏسندو آھيان ته حيران ٿيندو آھيان ته جھڙي طرح سان خيرپور جي سياستدانن غير پي پي نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين کان پري رکيو آھي، ان ھوندي به ڪن نوجوانن پنھنجي ٻلَ تي پنھنجي شايانِ شان نوڪريون ورتيون آھن، انھن ۾ ھي اسان جو گل بھار به شامل آھي. سائين اميرگل جو وڏور پُٽ ھئڻ ڪري ھي گل بھار سدائين پنھنجي ڳوٺ جي نوجوانن لاءِ ڪائونسلنگ جو ڄڻ ڪو ادارو رھيو آھي. گل بھار ھن مھل خيرپور جي انھن نوجوانن ۾ شامل آھي، جن کي ڏسي ڪنھن به صاحبِ جدوجھد ماڻھوءَ جو روح خوش ٿي وڃي ٿو. گل بھار 2010 کان نيشنل ڪميشن فار ھيومن ڊيولپمينٽ خيرپور چيپٽر ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي. ان ئي گل بھار جرمن اداري فريڊرڪ ايبرٽ ايٽفٽنگ ۽ يونيسيف جھڙن ادارن مان ليڊرشپ جي ٽريننگ حاصل ڪئي آھي. ڳوٺ پنواڙيءَ ۾ 16 سيپٽمبر 1977 تي سائين اميرگل جي گھر ۾ پئدا ٿيندڙ ھن اسان جي گل بھار گل 2003 ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان فائنانس ۾ ايم بي اي جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪئي ھئي .. ۽ مون کي ان ڳالھ جو ھتي اعلان لکندي بيحد مسرت محسوس ٿي رھي آھي ته اسان جو گل بھار گل ڪجھ مھينن اندر صاحبِ ڪتاب ٿيڻ وڃي رھيو آھي. گل بھار جي لکيل مضمونن جو ڪتاب “انصاف سان جھومندڙ گُلَ” ھن مھل منھنجي آڏو پي ڊي ايف فارميٽ ۾ کليل آھي. مان جيئن ھن ڪتاب جي اليڪٽرانڪ ورزن ۾ داخل ٿيان ٿو ته پھريون مضمون “وصفِ انساني” جي سِري سان منھنجي اڳيان کُليل آھي، جنھن ۾ گل بھار انساني خصلتن کي سھڻن مثالن سان سمجھايو آھي ته جڏھن امام غزالي ھڪ جانور يعني ڪتي جي خوبين تي لکي ٿو ته ايئن محسوس ٿي رھيو آھي، اشرف المخلوقات جي عالمي قاعدن تي ته ھڪ ڪتو انسان کان گھڻو اعليٰ ۽ اتم درجي تي محسوس ٿئي ٿو، توھان ھن کي ھڪ ٽُڪر اگر ڏيندا به آھيو ته عزت سان ڏيڻ بجاءِ زمين تي اڇلي ڏيندا آھيو ۽ ھُو اھو ٽُڪر کڻندي اوھان ڏي جن نظرن سان نھاريندو آھي، انھن ۾ گھڻو پيار ۽ شڪراني واري نھار شامل ھوندي آھي، پر ان جي ابتڙ اوھان انسان طور اشرف المخلوقات ٿي ڪري به جڏھن ھن ڌرتيءَ جا مفت ۾ مليل ريسورسز پنھنجي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آھيو ته اوھان جي نھار ۽ ڳالھين ۾ شڪر جو ھڪڙو به اکر ان جي لاءِ نه ھوندو آھي، جنھن اھو سڀ ڪجھ اوھان کي بغير پئسن جي دان ڪيو آھي.ائين ئي جڏھن گل بھار جي ٻئي مضمون تي وڃجي ٿو ته ان ۾ ھُو مضمون جي تمھيد ۾ ئي لکي ٿو ته دنيا جھان جو سير سپاٽو ڪرڻ لاءِ ڏوڪڙَ کپن، جن جي پاڻ وٽ قلت رھي آھي، ان ڪري يُوٽيوب تي ۽ ڪتابن ذريعي دنيا جھان جو سئر سفر ڪندي گھمندا رھندا آھيون، جيئن اڄ گھر ويٺي جرمنيءَ جي شھر برلن جو سير يوٽيوب تي ڪيو .. رنگن ڀري دنيا، خوبصورت جنت نما منظرَ، قسمين قسمين گُلَ، دريائن جا خوبصورت ڪنارا .. ڇا ته حسين دنيا آھي!… گل بھار گل جا مضمونَ جيئن جيئن پڙھندا وينداسين، ڪُڪُنس پکيءَ جي آکيري جيان ھڪ ريشمي ۽ منَ لڀاوڪ ماحول ۾ ويڙھجندا وينداسين. گھر ۾ ويٺي ويٺي گل جا ھي مضمونَ به ڄڻ ته يوٽيوب جيان ئي ھن جي سوچن ۽ ٻن سيلاني اکين جي مشاھدن جو ھڪ عجيب جھان آھن … ھر مضمون جي انت ٿيڻ تي ھڪ پياسي اڻ تڻ مون کي پنھنجي من ۾ محسوس ٿيندي آھي ته گل بھار ڪيڏو نه جلدي ۽ تڪڙ ۾ ھي مضمون ختم ڪري ڇڏيو آھي، اڃان ته ان ۾ لکڻ جي جام ساتري گنجائش موجود ھئي.
گل بھار گل کي مون سدائين پنھنجي سبجيڪٽ جي حساب سان ھڪ ريئل ھستيءَ جيان محسوس ڪيو، ۽ اھو ايئن به ته ھڪ اداري جي آفيسر کي ڪيئن ھجڻ کپي، ان لاءِ اوھان کي گل بھار کي ڏسڻو پوندو، گل بھار اوھان جي ڪائونسلنگ لاءِ ھر وقت اوھان کي تيار ملندو. ڪڏھن به مون ھن جي زبان مان اھو ڪونه ٻڌو آھي ته، “اڄ موڊ ڪونھي .. اڄ ٺھيو ڪيون ٿا …” ان بجاءِ گل بھار کي مون روڊ تي گھمندي به نوجوانن جي ڪائونسلنگ ڪندي ڏٺو آھي. ھونءَ ته منھنجو سائين اميرگل جي پوري ڪھول سان محبت وارو تعلق رھيو آھي پر گل بھار ۽ ھن جي پٽ سيف عليءَ جو جيڪو رشتو مون ساڻ رھيو آھي، اھو ڪنھن به حوالي سان عام رواجي نه ٿو چئي سگھجي. اوھان تصور ڪريو ھڪ اھڙو ٻارڙو، جيڪو اڃان ڏھن سالن جو به مَسَ ھجي ۽ اھو ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر ڪاميابيءَ سان ھلائڻ ڄاڻندو ھجي ۽ پاور پوائنٽ تي ٻاراڻن قسمن جون پريزنٽيشنز به تيار ڪندو ھجي، اھو ٻارڙو وڏو ٿي ڪيڏا نه ڪمال ڪندو .. مون کي ياد آھي، ماضيءَ ۾ اھو سيف علي مون کي پنھنجي دوست نما ڏاڏا سائين اميرگل جي نمبر تان ڪال ڪري چوندو ھو: “انڪل .. منھنجي ڪمپيوٽر جا ٻئي ‘وِنڊا’ اڏري ويا آھن، ھاڻي ڇا ڪيان .. ٻڌايو .. مان ڪمپيوٽر تي ھن مھل ويٺو آھيان ..” ياد رھي ته ان ڪمپيوٽر تي مون کين ڊوائل ونڊوز ھڻي ڏنا ھئا ته جيڪڏھن ھڪ ونڊو اڏري وڃي ته سجاد گل ۽ سيف علي ٻي ونڊو تي ھليا وڃن ۽ پنھنجو پنھنجو ڪم يا ٽاسڪ پورو ڪن. اڄ اھو سيف علي لطيف يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد چائنا جي ھڪ ليڊنگ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب ۾ پي ايچ ڊي ڪري رھيو آھي ۽ پاڻ ۾ ڪڏھن ڪڏھن ميسينجر تي حال احوال ڪري وٺندا آھيون .گل بھار گل مون کي سدائين ڪمپوزڊ ۽ تُز انسان محسوس ٿيندو آھي، جيڪو ڪابه ڏکي ڳالھ جنھن سان ڪنھن به ڇِتي ري ايڪشن جو رسڪ ھجي، چئي ڇڏيندو آھي ۽ پوءِ ان ڳالھ جا ڊرا بئڪس به ڀوڳيندي نظر ايندو آھي … مون کي بيحد خوشي ٿي رھي آھي ته اسان جو گل بھار گل ھاڻ صاحبِ ڪتاب ٿيڻ وڃي رھيو آھي. ھونءَ به ھن اليڪٽرانڪ دئور ۾ جتي ھر شئي بي حد تيز رفتاريءَ سان آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دائرن ۾ داخل ٿي رھي آھي ۽ ھر شئي اسان جي کيسي ۾ پيل سمارٽ فون ۾ سمائجندي پئي وڃي ۽ ڪتابَ به تيزيءَ سان اِي ــ بوڪس جو روپ وٺي رھيا آھن، ان دئور ۾ اسان جو ھي گل بھار ھڪ فزيڪل ڪتاب ڇاپڻ طرف مائل نظر اچي رھيو آھي، جيڪا ھڪ خوشيءَ جھڙي ڳالھ آھي. مون ڪٿي پڙھيو ھو، ۽ خليل جبران جي اھا ڳالھ سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿي رھي آھي ته ھڪ دفعي شام ويلي سورجَ ٻڏندي ٻڏندي ڏک وچان آکيو ته منھنجي وڃڻ پڄاڻان ڌرتيءَ تي روشني ڪير ڪندو ته ڪنھن فقير جي جُھڳيءَ ۾ ٽمٽمائيندڙ ھڪ ننڍڙي ڏيئڙي وراڻيو: “مان ڪوشش ڪندس”.