ريلَ جي نوڪريءَ ۾اڄ ڪلھ مون کي ھر ڏھين ڏينھن ھڪ ڀيرو ڪراچيءَ جو لڳندو آھي ۽ لڳ ڀڳ ٽي ڀيرا پنجاب وڃڻو پوندو آھي، جنھن ۾ ھڪ چڪرُ خانيوال جو ۽ ٻه چڪرَ ملتانَ جا لڳندا آھن ۽ مان جڏھن به پنجاب ويندو آھيان ته بي انتھا ڏکي دل سان پنجاب ۽ سنڌ جي فرق کي پنھنجي اکين سان ڏسي ايندو آھيان، پنجاب ھڪ اھڙي دنيا آھي، جتي ھر شئي پنھنجي ترتيب ۽ سونھن سان اکين کي روشنيون ڏيندي محسوس ٿيندي آھي، ڪھڙي ڪھڙي شئي کڻجي، شھرَ، ڳوٺَ، وستيون واھڻ، انھن کي ڳنڍيندڙ روڊ ۽ رستا، رستن جي ڪنارن سان وڻن جو قطارون ۽ انھن جي ڇانوَ ھيٺان گذرندڙ ڪارون، بائيڪون ۽ سائيڪلن وارا سرائيڪي ماڻھو. پنجاب جو رورل ايريا جيترو رِچ ۽ اکڙين کي وڻندڙ ھوندو آھي، اسان جي سنڌ جون ٻھراڙيون اوتريون ئي برباد ۽ پسمانده نظر اينديون آھن. حڪمرانن جون اوليتون ۽ پرائرِٽيز ان مان ئي صاف ظاھر ٿي رھيون آھن. پنجاب ۾ پنجابي حڪمراني ڪري رھيا آھن، مگر سنڌ ۾ ايئن لڳي رھيو آھي، ڄڻ ڪا خلائي مخلوق حڪمراني ڪري رھي آھي. جيڪو وزير اعليٰ سامھون يعني آن دي بورڊ نظر اچي رھيو آھي، اھو ويچارو ھڪ پپيٽ يا پلاسٽڪ جو گڏي کان وڌيڪ ڪجھ به نه آھي. ھُو بظاھر ته ڪرسيءَ تي نظر اچي رھيو آھي، مگر حڪومت ھلائيندڙ ھٿَ ڪي ٻيا آھن، جيڪي سنڌ جي حڪومت جي ھر معاملي کي پنھنجي فائدن آھر ھلائي چلائي رھيا آھن. سنڌي ماڻھن ڀُٽي ۽ بينظير سان واھ جو نڀايو، مگر انھن ٻنھي جي شھادت پڄاڻان پي پي پي ھڪ پپيٽ شو ۾ بدلجي وئي، جنھن ۾ ڪردار ته ساڳيا ئي آھن مگر اسڪرپٽ ڪوئي اور لکي رھيو آھي ۽ ان تي ڪائونٽر سگنيچر وري زرداري صاحب يعني صدرِ پاڪستان ڪري رھيا آھن، ته جيئن ڪارپوريٽ غلاميءَ جو حق بھترين انداز ۾ ادا ڪري مٿين جي اميدن تي پورو لھي سگھجي. جنھن موضوع تي مون سوچيو ھو ته اڄوڪو ڪالم لکندس، اھو موضوع ممڪن آھي ڪن جي اکين جي اڃ مطابق نه ھجي پر ان موضوع تي لکڻ گھڻو تڻو نظرانداز ڪيو ويندو رھيو آھي. وڌ ۾ وڌ پيارو دوست نصير ميمڻ اھڙن معاملن ڏانھن اشارا ڏئي ويندو رھيو آھي، جن جي لاءِ سنڌين کي وقت تي جاڳڻ جي ضرورت ھجڻ گھرجي پر ھتي ايئن ڪو ورلي ئي ٿئي ٿو. ڪارونجھر بچايو ڪاميٽيءَ ان حوالي سان پاڻ کي ڪمال نموني سان موکيو آھي، انھن ٿر واسين جي مربوط ۽ سائنسي جدوجھد جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو زرداري سٿ ۽ ان جا پُٺ ڀرو ڪردار بُري نموني سان نروار ٿي آڏو بيھي رھيا آھن.منھنجي ٽرين ورڪنگ جي شروعات مال گاڏين جي گارڊشپ سان ٿي ھئي، لڳ ڀڳ 12 سالَ مون مال گاڏيون ھلايون، ان بعد ميل ايڪسپريس گاڏيون ورڪ ڪرڻ جو وارو آيو آھي ۽ مان پنجاب ويندي ڊيوٽيءَ جي پھرين ڏينھن کان ئي پنجاب ۽ سنڌ جي سَنڌي ۽ فرق جو گھرائي سان مشاھدو ڪندو رھيو آھيان. اسان پنھنجي سنڌ جي دنگَ تي اچون ته روڊ سائيڊ وارو دنگ ته ڪمون شھيد آھي، مگر ريل سائيڊ وارو ھن مھل ريتي اسٽيشن ٿي ويو آھي. “ٿي ويو” ان ڪري لکي رھيو آھيان، ڇو ته ان ترَ جا مقامي سنڌي ٻڌائيندا آھن ته پاڪستان ٺھڻ بعد صادق آباد جو اولھ وارو گھڻو تڻو پاسو سنڌ جو حصو ھو، ڇو ته صادق آباد جي اُلھندي پاسي جي ستر سيڪڙو آبادي سنڌين جي آھي. مگر اڄ ڪلھ ڪجھ ذاتين جي سنڌي ڌاڙيلن جي ڪاروائين جي ڪري ان پاسي واري وارا سنڌي ويچارا ٻِٽي جبرَ کي منھن ڏئي رھيا آھن. ڪو ائنٿروپالاجيءَ جو ماھر جيڪڏھن ان پاسي ٿورو ڏيان ڏئي لکي ته اسان آڏو کوڙ سارا معاملا سمجھڻ بنھ آسان ٿي پون. اسان 90ع جي ڏھاڪي ۾ جڏھن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندا ھئاسين ته سوشيالاجيءَ جي ليڪچرار سائين امداد سھتي جي ڌاڙيلن تي لکيل ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز (ڊڪيڊ آف دي ڊڪوئيٽس) منظر عام تي آئي هئي. اھا ٿيسز نه فقط ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جھڙو دستاويز آھي، جيڪو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان 2005ع ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپرايو ويو ھو. ھي ڪتاب نما دستاويز سماجي سائنس جي سبجيڪٽس جي ڪورس ۾ شامل ڪرڻ جھڙو ڪتاب آھي، جنھن سان سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر سمجھڻ ۾ آساني ٿي سگھي ٿي، ته بدنام زمانه فوجي حڪومتن ۾ ڪيئن ھٿ وٺي سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي زور وٺرايو ويو ۽ بعد ۾ اھي جڏھن طاقتور ڌُرين جي آڱرين جي اشارن کي سمجھڻ کان جواب ڏئي ويھي رھيا ته انھن خلاف ڪاروايون ته ڪيون ويون مگر اھي نالي ماتر ئي رھيون ھيون. سنڌ جي ڪچي جي جاگرافيائي بيھڪ ۽ ان جي وچ وارين ٻيٽن جھڙين ڪيٽين جي بيھڪ ئي اھڙي آھي، جو انھن ۾ وسندڙ ڌاڙيلن تي ڪابه ڪامياب اڳرائي اڄ تائين نه ٿي سگھي آھي. ان جو فائدو يا نقصان اھو ٿيو جو سنڌ جي تاريخ ۾ آدم جو اغوا جيڪو ڪڏھن ٿيو ئي ڪونه ھو، ان ھڪ انڊسٽريءَ جي حيثيت حاصل ڪري ورتي. اڄ ڌاڙيل فيڪٽر ايترو ته مضبوط ۽ بي خوف ٿي چُڪو آھي جو انھن سان ضلعن جا ھيڊ ڪماني ايلازن جي لھجي ۾ ڳالھائي پنھنجي اغوا ٿيل سپاھين کي آزاد ڪرڻ لاءِ ميڙن ۽ منٿن تي لھي آيا آھن.
ڳالھ پئي ھلي سنڌ جي پنجاب پاسي واري دنگَ جي، ته شروعاتي سالن ۾ ماڇي ڳوٺ وارو پورو علائقو سنڌ جو حصو ھو، جڏھن بدنامِ زمانه ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف سنڌ ۽ پنجاب کي ورھائڻ ۽ پنھنجي من پسند سردارن کي فائدو رسائڻ لاءِ ريڻي ڪئنال جو بنياد رکيو، جيئن گُڊو بئراج وٽان پاڻي کڻي انڊيا جي ڏاکڻي سرحد تائين ڦھليل سردارن جي زمينن کي پاڻي پھچائي ڏجي. ان سڄي پراجيڪٽ جو ٺيڪو ٻٻرلي جي ھڪ ٻروچ ٺيڪيدار کي ڏنو ويو، جنھن ڪاميابيءَ سان ريڻي ڪئنال مڪمل ڪري مالڪن يعني واپڊا جي حوالي ڪيو ھو. سنڌ حڪومت جي آبپاشي محڪمي ان ڪئنال جي فلوئنگ ڪئپيسٽيءَ ۽ پاڻي جي موجودگيءَ جي حوالي سان کوڙين دفعا پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو مگر ٿيو ڪجھ به ڪونه. ھن مھل مان پنجاب ايندي ۽ ويندي ريڻي ڪئنال جي پل تان جڏھن به ٽرين سان گذرندو آھيان ته ڏسندو آھيان ته پنجاب واري پاسي سوين لفٽ مشينون ريڻي ڪئنال جو پاڻي پنجاب واري پاسي کڻي رھيون آھن ۽ اھو سڀ غيرقانوني ۽ اھا ديده دانسته چوري آھي، مگر ڪوبه ان حوالي سان ڪُڇي ڪونه رھيو آھي، اھو سمورو پنجاب پاسي واري علائقو جيڪو ڏھ سال اڳ ڀڙڀانگ ۽ وارياسي ڪنھن صحرا جو ڏيک ڏيندو ھو، اھو اڄ ايترو ته سرسبز ۽ قسمين قسمين جي پوکن سان سجائجي ويو آھي جو حيرانگي ٿئي ٿي. ريڻي ڪئنال جي ڪناري مٿان ئي پنجاب پوليس جي عاليشان چئونڪيءَ واري مخصوص بلڊنگ آھي، جيڪا پاڻي کڻڻ واري ان جرم ۾ پنھنجي پاسي جي رھواسين کي مڪمل سپورٽ ڪري رھي آھي، ان نتيجي ۾ ٿوري ئي عرصي دوران پنجاب حڪومت اتي روڊ رستن جو اھڙو ته ڄار وڇائي ڇڏيو آھي جو ايئن لڳي رھيو آھي، ريڻيءَ جي پرين پاسي ڪا سرسبز جنت جُڙي وئي آھي، جڏھن ته ھن پاسي يعني سنڌ واري پاسي اھائي بربادي ۽ سھولتن جي خوفناڪ اُڻاٺ روز روشن جيان عيان نظر اچي رھي آھي. ٻنھي پاسن جي صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي صاف صاف نظر اچي رھي آھي. پنجاب وارو پاسو سيبتائيءَ سان وارثيءَ وارو نظر اچي رھيو آھي، جڏھن ته اسان جي سنڌ وارو پاسو روايتي نا اھليءَ ۽ لاتعلقيءَ وارو. پنجاب حڪومت پنھنجي پاسي جھڙي طرح سان روڊن ۽ رستن جو ڄار وڇائي پنھنجي ماڻھن کي مواصلات جي سھولت ڏئي رھي آھي، سنڌ پاسي وري ايتري ئي ويراني ۽ بربادي بکجي رھي آھي، ايتري تائين جو ڀِڪ واري شھر اٻاوڙي تائين پھچڻ لاءِ ئي ڪو نارمل روڊ ڪونه آھي، اھي ئي ڪچا ۽ ڌوڙ ڌڌڙ سان لَٽجيل رستا ۽ انھن تي ٽريڪٽرن جي اڃ وڃ، جيڪا ھن علائقي جي غيرسرڪاري عوامي سواري آھي.
ضروري آھي ته اسان سنڌين کي ھاڻ جاڳي سياست ۾ پنھنجا سنڌي نوجوان اڳتي آڻڻ جو سوچڻ کپي ۽ ان ڳالھ جو به خيال رکڻ کپي ته اھي نوجوان سرڪاري سھولتن جي رڻ ۾ پاڻ کي وڃائي گم نه ڪري ڇڏين. ڪجھ سال اڳ اسان جي شھر خيرپور جو ھڪ نوجوان جيڪو ھڪ قومپرست پارٽيءَ جو ورڪر ھو، ان تي مٿين پاران ڪرمَ جي نگاھ ٿي وئي ته اھو ٽن مھينن لاءِ صوبائي وزير بڻجي ويو. ٽن مھينن بعد جڏھن پورو نگران سيٽ اپ پنھنجي پنھنجي گھرن ڏانھن واپس وريو ته اھو سياسي ڪارڪن به گاڏين جي قافلي ۾ پنھنجي شھر ۾ داخل ٿيو ھو، ان بعد ان نوجوان جي ذاتي ۽ ڪاروباري ترقيءَ جو جيڪو دؤر شروع ٿيو، اھو اڄ تائين جاري ۽ ساري آھي، اھو سڀ ڪجھ خيرپور واسين جي آڏو آھي. چوڻ جو مطلب اھو آھي ته سائيڪل تي پيرين اگھاڙي شھر ۾ گھمندڙ اھو قومي ڪارڪن ھن مھل ڪنھن غريب سان ملڻ بعد پنھنجي ھٿَ کي رومال سان ڇنڊيندو آھي ته متان ڪو ان غريب مان غربت جو ڪو وائڙو جراثيم نه کيس جنبڙي پوي !!!