پوسٽ ڪالونيل دور ۾ سنڌي شاعري جي وسيع ڪينواس تي شيخ اياز جو اثر گهڻو نظر اچي ٿو. هرچند جي شاعري ۾ به شيخ اياز جي شاعرانه ليگيسي محسوس ڪري سگهجي ٿي. عبدالواحد آريسر جي قافلي جو راهي هي نوجوان شاعر سنڌ جي دراوڙ قبيلي سان واسطو رکي ٿو. اها ٻي ڳالھ آهي ته هرچند حليم باغي جهڙي جرئت نٿو ڪري سگهي، ڇو ته هرچند ۽ حليم جي نظرياتي ڪمٽمينٽ جي حرارت ۾ فرق آهي. انتون چيخوف چيو هو هو ته: “ٽالسٽاءِ جي اهميت ان لاءِ وڌيڪ نه آهي ته هن ڪهڙا جواب ڏنا آهن، پر هو ان لاءِ عظيم آهي ته هن ڪهڙا سوال اٿاريا آهن.” حليم ۽ هرچند جي ذهني ائپروچ سوال جي سچ سان سلهاڙيل آهي.
هرچند ساگر گذريل ٻن ڏهاڪن کان شاعري لکي پيو. هن جي آرٽ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جو حسين سنگم آهي. هو جڏهن به لکندو آهي ته وقت کي وٿي ڏئي، زمان ۽ مڪان جي خفي کان خالي ٿي لکندو آهي. ساگر اسپينش شاعر گارشيا لورڪا جيان جپسي آهي. ۽ سندس شاعري جا ڪردار به ڌرتي ڌڪاڻا آهن. ايئن لڳي ٿو ته شاعر دراوڙن جي ديس ۾ خود سڃاڻپ جي ڳولا ۾ رڻ ڀٽڪي ٿو. تاريخي طور تي سنڌ ۽ دراوڙن جو رشتو درد جو رشتو آهي:
ڏاڍي ڄاڻ وڇوڙن جي آ، پاڻ شناسا سڏجون ٿا،
ساروڻيون آ روح سڄو، تون ديس بدر جي ڳالھ ڪرين ٿو.
پاڻ صبح جا سڏ ڪنايون، پنهنجو ڪوئي ٺڪاڻو ڪٿ آ،
رات سان جهيڙو ازلي ۽ تون ننڊ نگر جي ڳالھ ڪرين ٿو!
يان پال سارتر فيض احمد فيض سان ڪچهري ڪندي چيو هو ته ” ادب ۾ جهيڙو مادي، سماجي ۽ سياسي طاقتن جي ئي خلاف ٿيڻ گهرجي. بک، غربت، پسماندگي، جبر ۽ تشدد، اجتماعي درد ۽ ڏک، ۽ اجتماعي جدوجهد ۽ محنت، عذاب ۽ ڇوٽڪارو، ايثار ۽ استحصال، هي موضوع جيڪڏهن ڪنهن اديب کي ميسر آهن ته اهي ايشيا ۽ آفريڪا جي سرزمين تي آهن…موجوده صورتحال ۾ فني ڏانءُ اسان وٽ آهي ۽ موضوع اوهان وٽ آهن، جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو آرٽسٽ انهن ٻنهي ( موضوع ۽ ٽيڪنڪ) کي گڏ کڻي هلي ته هن صدي جو جو هومر، شيڪسپيئر يا ٽالسٽاءِ جنم وٺندو.” منهنجي خيال ۾ فن ۾ فڪر جي ٻهلپ سماجي شعور سان آرسته هجڻ گهرجي. شعور جو هي سلسلو جدلي صورت ۾ هجي ٿو، تغير پزير هجي ٿو ۽ ان جي حقيقت جامد نٿي هجي. اهو ئي سبب آهي جو فن ۾ فڪري بحث جي گنجائش هر دور ۾ رهڻي آهي. جدليات ذريعي فطرت ۽ سماج کي سمجهي سگهجي ٿو. تاريخي ماديت مطابق تاريخي ارتقا جا سبب معاشي آهن. جدليات ئي فڪري جدوجهد جو تعين ڪري ٿي. هرچند تضادن جي ڇڪتاڻ جي وضاحت ڪري ٿو:
ڳالهيون گلاب جهڙيون هرڪو پٽيو وڃي ٿو،
انداز شاعري جو تو سان ملي ٿيو آ!
چهري مٿان چَڳن ۾، اوندھ سان ڄڻ ڪو،
ٽڪراءُ روشني جو تو سان ملي ٿيو آ.
سهيوڳي دور ۾ سرمائيداري جي تيز اوسر سبب انسان دوست آدرش ۽ نظريا ڌنڌلا ٿي رهيا آهن. اهڙي نيو لبرل ماحول ۾ اڪثر فرد ويڳاڻپ جو شڪار رهندا آهن. ويڳاڻپ جو شڪار ماڻهو پنهنجي وجود کان اجنبي ٿي وڃي ٿو. انهي ويڳاڻپ جو سبب سرمائيداري آهي. نيو لبرل معاشي لاڙا فن جي وسعتن کي روڪين ٿا. ۽ ادب ۾ ان جو ڳر ترقي پسند نٿو رهي. هڪ آرٽسٽ سويرن جي سرخ صبح جي تمنا ڪري ٿو. هو اهڙي سماج لاءِ جهيڙي ٿو، جتي انسانيت جو ماحول هجي، جتي سماجي اڻ برابري ۽ معاشي استحصال نه هجي، پر هرچند ڪهڙي الميي ۾ ورتل نظر ٿو اچي؟ هڪ شاعر کي ان ويلي ڳائڻ گهرجي جڏهن پرھ جا مسافر سمهي پون. سُرخ سويرن جي مسافرن جي ٿڪجي پوڻ کانپوءِ به ڳائڻ وڏي ڳالھ آهي. پر هتي شاعر حادثي واري صدمي ۾ ورتل آهي؟ مٽي جي مرياڌا بچائڻ وڏي وِٿِ هجي ٿي، پوءِ ارمان ڪهڙو؟ شايد اڄوڪي سنڌ ۾ دراوڙن جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالت تي شاعر ويڳاڻو لڳي ٿو:
پرھ جا مسافر ٿڪي پيا سمهي،
اسان پوءِ به ڳايو وڏو حادثو هو.
چيائين مٽي جي مرياڌا بچائي،
اسان ڇا بچايو، وڏو حادثو هو.
ڏيک ڇا آهي، ۽ ان جي حقيقت ڇا آهي؟ ادب زندگي جي تصوير تي تنقيد ڪري ٿو. جارج لوڪاچ مطابق: ” عظيم اديب زندگي جي تصوير ٺاهڻ وقت پنهنجي خواهشن، اتساهن، ۽ روين جا رنگ پڻ ان تصوير ۾ ڀرين ٿا.” مطلب ته رڳو ڇسي جماليات پسندي جو ڪو سماج ڪارج آهي ئي ڪو نه! ادب جي تجريدي شڪل حقيقت جو آئينو نٿي هجي. جمالياتي فئنٽسي ۾ رهڻ ۽ ذهني طور تي لفظن جا طَلسماتي ڪاڪ محل اڏڻ جو عمل غير سائنسي آهي. هڪ بکايل شخص لاءِ رومانوي گيت ان جي حسي ذوق جو سبب نٿو بڻجي. هڪ بورجوا شاعر يا اديب گيدي ۽ موقعي پرست هجي ٿو. هو حقيقي مسئلن جي اپٽار ڪرڻ کان قاصر هجي ٿو. اهڙي فضا ۾ شيخ اياز هڪ شاعر جي ضمير تي سوال اُٿاريو هو ته:
هي شاعر جي ڪانئر آهن،
جن ٻولي جي سگھ وڪي آ،
جن جو ڪو به ضمير نه آهي.
هرچند جي خمير جو ضمير سجاڳ آهي. هن جي شاعراڻي وسعت فڪر جي ٻنڌڻ سان فن ۾ سماجي ڪارج جو پورائو ڪري ٿي:
آرهڙ جي اُس ساڙي ڇڏيو ٿر جو بدن،
سانوڻيون هي بت ٺارينديون ڪٿي،
ڇالا ڇالا روح ڇڏينديون ڪري،
سٿ سپنن جا اتارينديون ڪٿي…
آرٽ جو هڪ ڪارج انتها پسند سوچ کي سيڪيولر ڪرڻ آهي. هرچند ساگر جا تصور ۽ خيال هن رجعت پسند دور ۾ روشن خيالي جو استعارو آهن. هي محبوبيت ۾ به عقليت پسندي جو قائل آهي:
ڪيئي رت هاڻيون روئن ٿيون اکيون،
۽ ننڊون ڪيئي وڃايون ڏٺيون ئي ڪٿي،
هن سامونڊي طوفان جهڙي زماني،
لُٽيون ڪيئي ڪهاڻيون ڏٺيون ئي ڪٿي،
عشق منهنجي جو کڻي تون ويساھ نه ٿي،
تنگ رسمن جي ڳالهين ۾ گمهراھ نه ٿي….
هرچند جي ڪوتا ۾ هڪ دور جي رومانس رقص ڪري ٿي. انسان ٿڪجي پوي ٿو، محبت ئي فقط اهڙو رويو آهي، جو ماڻهو درد جي سمنڊ وچ به ٿڪبو ناهي. محبت ئي ارتقا جو سبب آهي. انساني نسل جي نشونما محبت سان ممڪن بڻي آهي. پيار سان ئي انسان جي نسل جو واڌارو ۽ بچاءُ ٿئي ٿو. اهڙي ريت محبت تخليق جو سرچشمو آهي. هرچند شاعري جي لئه ۽ ترنم ۾ محبت جا احساس سموئي، جذبن جي اُڇل ۾ مجاز جي حقيقت کان پُر ڪيف ٿيو آهي:
تون اڪيلائي منجهان اُڪري وئين،
مون وتو ويراڳ کي ڀاڪر ڀري.
سج جي سامهون نه بيهندي ڪر چري
عشق وجهندئي آڳ کي ڀاڪر ڀري.
محبت جي ڪيفيت ۾ به دلڪش عذاب موجود هجي ٿو. رات جي سانت ۾ تنهائي جو درد به ڀوڳڻو پوي ٿو. شاعر جي سوچ ۾ محبوبيت جو عڪس آهي. هي وينگ شاعر جي واتان مهراڻي جي ماڳ تي جيون کي هرمچ جيئن جڙي ٿي، ۽ چوي ٿي:
مهراڻو مڙهيو مون آ
هُرمَچ جيئن هٿيلي تي،
مون سور تنهنجا سانڍيا
هت رات اڪيلي ٿي…