بينگلور (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ خلاف اهم ميچ دوران اوپننگ بيٽر فخر زمان اڳوڻي آل رائونڊر شاهد آفريدي جو هڪ اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪن جو قومي رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. فخر زمان اڄ نيوزيلينڊ خلاف 81 بالن تي 126 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 11 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل هئا. شاهد آفريدي سريلنڪا خلاف 1996 ۾ پنهنجي اننگز ۾ 11 ڇڪا هنيا هئا. ان کانسواءِ فخر زمان 63 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، جيڪا ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن به پاڪستاني طرفان تيز ترين سينچري آهي. ان کان اڳ سليم ملڪ 1987 جي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف 94 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.