لاهور (م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي سيڪريٽري محمد خان ڀٽيءَ کي ڪِڪ بيڪس وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب ذريعن موجب محمد خان ڀٽيءَ کي نيب لاهور جي ٽيم گوجرانوالا مان گرفتار ڪيو آهي. نيب ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته محمد خان ڀٽي تي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ رقم ڪِڪ بيڪس طور وٺڻ جو الزام آهي، کيس اڄ نيب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. محمد خان ڀٽي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جو پرنسپل سيڪيٽري بهرهي چڪو آهي، جيڪو پاڻ اڄ ڪلهه جيل ۾ آهي.