فلوريڊا (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست فلوريڊا جي اورلينڊو سائنس سينٽر ۾ 262 ماڻهن هڪ ئي وقت ڪاغذ جا راڪيٽ اڏائي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو، سائنس سينٽر پنهنجي ڊاڪٽر فلپس سيني ڊوم ۾ 271 ماڻهن کي جمع ڪيو، جتي شرڪت ڪندڙن کي 15 سيڪنڊ جي وقت ۾ ٽي ڀيرا راڪيٽ اڏائڻ جي اجازت ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن ۾ نو ماڻهن جي ڪوششن کي نااهل قراسر ڏنو ويو، پر 262 ماڻهن راڪيٽ ڪاميابي سان اڏائي 250 جو انگ عبور ڪندي ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو، اورلينڊو سائنس سينٽر جو هڪ نيوز رليز ۾ چوڻ هيو ته رڪارڊ لاءِ ڪاغذ جي راڪيٽ جو مطلب هيو ته هڪ رانديڪو جيڪو مڪمل طور تي ڪاغذ سان بڻيل هجي ۽ هڪ اسٽرا ۾ فٽ ٿي وڃي ۽ جڏهن اسٽرا ۾ هوا ڦوڪي وڃي ته راڪيٽ هوا ۾ اڏامي، گنيز ورلڊ رڪارڊز جو هڪ اهلڪار رڪارڊ جي تصديق لاءِ موقعي تي موجود هيو.