ڪنهن دوست چواڻي، “هن ملڪ جي سياسي صورتحال ايئن ٿي وئي آهي، جو جيڪو ماڻهو جيڪو به تجزيو ڪري ٿو، اهو درست لڳي ٿو!” ان کان وڌيڪ ڪنهن ملڪ لاءِ ٻيو الميو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، جو ان مان Rational approach ئي ختم ٿي وڃي، يعني جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪڙو دليل ڏئي ته اهو به ٺيڪ لڳي ۽ جيڪڏهن ان جي مخالفت ۾ ڪو دليل هجي ته اهو به درست لڳي. هي ملڪ هن وقت جنهن شديد بحران ۽ خلفشاري ڪيفيت ۾ ورتل آهي، ان ۾ سڀني ڌرين پنهنجي پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. رومن ڏاهي مارڪوس سيسرو چيو هو ته، “هڪڙي ئي پٿر سان 2 ڀيرا ٿاٻو کائڻ مثالي بي عزتي آهي!” هن ته رڳو ٻن ڀيرن جي ڳالهه ڪئي هئي، اسان جي ملڪ ۾ ته اهو لقاءُ ڪيترن ئي ورهين کان جاري آهي ته ساڳئي ئي پٿر سان بار بار ٺوڪر کائيندا آهيون ۽ ٺوڪر ڇا، اسان جي ته هاڻ عادت ٿي وئي آهي ته جيستائين ٺوڪر نه کائون، تيستائين پاڻ کي شايد نارمل ناهيون سمجهندا. غلطين جو بار بار ۽ مستقل طور تي ورجاءَ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندو آهي ته اسان جي روين يا نظام ۾ شديد خرابي آهي، جنهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر اسان ان کي پابنديءَ سان نظرانداز ڪندا آهيون.
هن ملڪ ۾ ڪيتريون ئي شيون پهريون ڀيرو ٿي رهيون آهن. مثال، پهريون ڀيرو هن ملڪ ۾ ٻن صوبن جون اسيمبليون وقت کان اڳ ٽوڙيون ويون ۽ جيڪڏهن چونڊون ٿين ٿيون ته اهو به پهريون ڀيرو هوندو، جو ملڪ ۾ الڳ الڳ چونڊون ٿينديون. اهو به پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي، جو نگران حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪرڻ باوجود موجود آهن. اهو به پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي، جو سپريم ڪورٽ پاڻ اليڪشن جي تاريخ ۽ اليڪشني شيڊيول ڏنو آهي. اهو به پهريون ڀيرو آهي، جو آئين موجب 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي هجڻ باوجود چونڊون ناهن ٿيون. هاڻ سوال اهو آهي ته آخر ايئن ڇو پيو ٿئي؟ ان لاءِ پاڻ ٿورو پوئتي ٿا هلون.
هي معاملو اتان شروع ٿيو، جڏهن جنرل باجوه خواهش ڏيکاري ته کيس ٻيون ڀيرو توسيع ملي پر نه ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان جي خواهش هئي ته جنرل فيض حميد نئون آرمي چيف ٿئي، جنهن سان کيس ايندڙ اليڪشن ۾ سولائي ٿي ويندي. ايئن ان هائبرڊ نظام ۾ ڏار واضح ٿيا. جنرل باجوه شايد سوچي ورتو ته جيڪڏهن آئون نه ته پوءِ خان به نه. پي ڊي ايم وارا جيڪي موقعي جي تلاش ۾ هئا، تن کي وارو ملي ويو. عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آندي وئي، کيس وزارت عظميٰ تان بي دخل ڪري بني گالا موڪليو ويو. طئي اهو ٿيو هو ته پي ڊي ايم حڪومت نيب جي قانونن سميت گهربل قانونسازي ڪري اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪندي. ڪجهه وقت کانپوءِ قانونسازي ڪري شهباز حڪومت جڏهن مستعفي ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو ۽ نگران حڪومت لاءِ نالا به فائينل ٿي ويا هئا ته عمران خان کي خبر پئجي وئي ته حڪومت وڃڻ واري آهي ته ڇو نه ڪريڊٽ کڻجي ۽ ايئن هن اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنرل باجوه جي منع ڪرڻ جي باوجود عمران خان ضد تان نه لٿو. ايتري قدر جو پريس ڪانفرنس ۾ جڏهن شاهه محمود قريشي کيس جنرل باجوه جي فون جو ٻڌايو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پي ڊي ايم وارن به ڏٺو ته عمران خان سياسي فائدو کڻڻ جي چڪر ۾ آهي ته هنن اليڪشن ڪرائڻ ۽ مستعفي ٿيڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.
عمران خان جي لانگ مارچ سان جيڪو ڪجهه حشر ٿيو ۽ ان بعد مٿس ريلي ۾ ٿيل حملي کانپوءِ ٻيو ڪو ڪارڊ نه بچيو هو، سواءِ ان جي ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پنهنجون حڪومتون ختم ڪري حڪمران اتحاد کي دٻاءَ ۾ آڻي. هن پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، پر نتيجو اهو نه نڪري سگهيو. پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ اچڻ، ڊليور نه ڪري سگهڻ، ملڪ جي معاشي حالتن ۽ هر ڏينهن وڌندڙ مهانگائي جتي هڪ پاسي ٻائيتال مچائي پي ڊي ايم حڪومت جو گراف ڪرائي ڇڏيو، اتي ٻئي پاسي عمران خان جي مقبوليت کي به وڌائي ڇڏيو. اهو عمران خان جيڪو پنهنجي حڪومتي دور جي ساڍن ٽن سالن دوران مقبوليت جي بنهه تري سان لڳو هو، تنهن جو گراف هڪدم وڌي ويو. عمران خان جي هڪٻئي پويان ضمني چونڊن ۾ سوڀاري ٿيڻ حڪمران اتحاد، خاص طور تي نواز ليگ لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي. هو جيڪي سمجهي ويٺا هئا ته پنجاب سندن کيسي ۾ پيو آهي، تن کي لڳو ته سندن کيسو ڪٽجي ويو آهي. عمران خان انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺندي اليڪشن تي زور ڏيڻ شروع ڪيو، هن اسيمبليون ٽوڙي آخري داءُ کيڏيو، جنهن بعد حڪمران اتحاد وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه بچيو هو ته ڪيئن به ڪري چونڊن کان فراريت اختيار ڪجي. جڏهن بحران تيز ٿيو ته سپريم ڪورٽ مداخلت ڪئي ۽ چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ٻڌڻيون شروع ڪيون. هي اهو مرحلو هو، جڏهن سياستدانن چاهيو پئي ته عدليه سياسي وڪيٽ تي اچي ته ان سان ميچ ڪريون ۽ ايئن ئي ٿيو. ان کانپوءِ اڄ تائين جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کان هر ڪو واقف آهي ته ڪيئن حڪومت، عدليه کي چڪر مٿان چڪر ڏئي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي عدليه آهي، جيڪا به اسٽينڊ وٺي بيهي رهي آهي. حڪومت سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي معطل ڪري ٿي ته عدليه بحال ٿي ڪري. حڪومت عدليه ۾ سڌارن جو قانون پاس ڪري ٿي ته عدليه ان خلاف ٻڌڻي شروع ڪري ان تي اسٽي جاري ٿي ڪري ڇڏي. عدليه حڪم ڏئي ٿي ته اليڪشن لاءِ پيسا جاري ڪيو، حڪومت جواب ڏيو ڇڏي. عدليه چوي ٿي ته سيڪيورٽي ڏيو، سيڪيورٽي ادارا لاچاري ظاهر ڪريو ڇڏين. عدليه پنجاب ۾ ته چونڊن جي تاريخ ۽ شيڊول جو فيصلو ڪري ٿي ڇڏي پر ڪي پي جو معاملو پشاور هاءِ ڪورٽ تي ڇڏي ٿي.
سو هڪ عجيب صورتحال ۾ نه رڳو هي ملڪ ڦاسي پيو آهي پر ادارا پڻ. اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجو ڊپ آهي ته عمران خان 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت کڻي آيو ته الائي ڇا ڪندو. حڪومت کي پنهنجو خوف آهي ته هن وقت جڏهن ملڪ ۾ شديد مهانگائي سبب عوام ۾ بي انتها ڪاوڙ آهي ۽ عمران خان ان صورتحال کي ‘ايڪسپلائٽ’ ڪندي (فائدو وٺي) مقبول ٿيندو پيو وڃي، سو جيڪڏهن پنجاب ۾ اليڪشن کٽي ويو ته قومي اسيمبلي به سندن هٿن مان هلي ويندي. سپريم ڪورٽ به پاڻ کي ڦاسائي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن سندن حڪم نٿو مڃيو وڃي ته سندن وجود تي سوال اٿن ٿا پر جيڪڏهن هو توهين عدالت واري پاسي ٿا وڃن ته ان تي عمل ڪير ڪرائيندو، ماڳهين سسٽم ويڙهجڻ جو خدشو آهي. سو هاڻ سپريم ڪورٽ هڪ وچيون دڳ اختيار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سياسي پارٽيون پاڻ ويهي ڳالهيون ڪري هڪڙو موقف اختيار ڪن ۽ جيڪڏهن چونڊن جي تاريخ بدلائڻي آهي ته ٻڌائين، عدالت گنجائش ڪڍي وٺندي. هاڻ هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ججن کي جڏهن آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڏيڻا آهن ته پوءِ اها “گنجائش” ڪيئن ۽ ڪهڙي آئين ۽ قانون تحت ڪڍي ويندي؟ ڇا اهڙو عمل نظريهء ضرورت جي ذمري ۾ نه ايندو؟ اهو نظريهء ضرورت، جنهن جي باني انگريز جج هينري ڊي بريڪٽن 13هين صديءَ ۾ چيو هو ته جيڪو بظاهر غير قانوني آهي، تنهن کي ضرورت موجب قانوني بڻائي سگهجي ٿو. اهو نظريهء ضرورت، جنهن جي پاڪستان ۾ باني جسٽس منير، مولوي تميز الدين ڪيس ۾ هن ملڪ جي آزاديءَ جي 9 سالن بعد اهو قرار ڏنو ته هي رياست آزاد ۽ خودمختيار رياست ناهي. تصور ڪريو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جو چيف جسٽس اهو چئي رهيو هو ته گورنر جنرل برطانوي ڪرائون جو نمائندو آهي ۽ ان جي آڏو پوري پارليامينٽ جي حيثيت ناهي. يعني آئين ساز اسيمبلي ورهين جي مشق کانپوءِ ڪو قانون ٺاهي ٿي ته بادشاهه جي نمائندي کي اهو حق حاصل آهي ته ان کي کڻي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏي.سو هن ملڪ جي آئين ۽ جمهوريت سان سڀني پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر کيڏيو آهي، اها راند اڄ به جاري آهي. قانون ڇا ٿو چوي، آئين ۾ ڇا لکيل آهي، ان کي ته هڪ پاسي رکو، اهو ٻڌايو ته اسان جي پيٽ جو سور ڪيئن حل ٿيندو، ملڪ ڪيڏانهن ٿو وڃي، عوام جو ڇا ٿيندو، ان کي ڇڏيو. اهو بار بار ٿيندو رهيو آهي، اسان هر ڀيري هڪڙي ئي پٿر سان پاڻ کي ٽڪرائي رهيا آهيون. هاڻي توهان کي اهو لڳندو ته مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو درست آهي، ان جي مخالفت ۾ جيڪڏهن ڪو ٻيو لکندو ته مونکي لڳندو اهو به ٺيڪ پيو چوي. پاڻ اهڙي ئي صورتحال ۾ جي رهيا آهيون!