هڪٻئي کي غدار ۽ ڪافر ڪوٺڻ سان ملڪ  ڪيئن هلندو؟بلاول

0
80
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن جون رنجشون ختم ڪرائڻ لاءِ گهوٽڪي پهچي ويو
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن جون رنجشون ختم ڪرائڻ لاءِ گهوٽڪي پهچي ويو

حيدرآباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست عروج تي آهي، اسان کي اِن بخار کي ٽوڙڻو پوندو

حيدرآباد ۾ شيخ اياز ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران بلاول چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته ورهاڱو برقرار رهي، پر ڪاميابي وڇوٽين ۾ نه پر اتحاد ۾ آهي

بلاول چيو ته هڪٻئي کي غدار ۽ ڪافر ڪوٺڻ سان ملڪ  ڪيئن هلندو؟اسان روايتي سياست مان جند ڇڏائڻي پوندي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري موسمياتي تبديلي جي حوالي سان چيو ته گليشيئر جي خطري بابت ماڻهن کي آگاهه رهڻ گهرجي، جڏهن برف پگهرجي ويندي ته اسان ٻوڏ ۾ ٻڏي وينداسين